توشا خانه تحفن جي درست قيمت جاچڻ جو نظام نه هجن جو انڪشاف

اسلام آباد (م ڊ) توشا خانه تحفن جي درست قيمت جاچڻ جو نظام موجود نه هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، نيب جي جاچ کان پوءِ جاري ڪيل رپورٽ  ۾ سعودي ولي عهد کان  پي ٽي  آءِ باني ۽ بشري بي بي کي  مليل تحفن جي قيمت ۽ ادائگي جي  تفيصل جي حوالي سان انڪشاف ڪيو ويو آهي. نيب جي هيءَ رپورٽ 31 ڊسمبر 2023ع تي پڌري ٿي هئي. نيب جي رپورٽ ۾ تحفن جي قيمت جاچڻ جو  نظام موجود نه هجڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي. نيب جي رپورٽ مطابق 3 ارب 16 ڪروڙ روپين جي تحفن جي قيمت پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ 80 لک روپيا لڳائي وئي، رپورٽ ۾ چيو ويو ته اڌ رقم 90 لک ادار ڪري  تحفا پي ٽي آءِ باني ۽ بشري بي بي ر کي ڇڏيا، پاڪستان ۾ ڪوئي ادارو سعودي شهزادي کان مليل گراف جيولري سيٽ جي قيمت  نه ڄاڻي سگهيو، رپورٽ ۾ نيب ٻڌايو ته دبئي  مان  ڪاٿو لڳرائڻ تي پتو پيو ته خزاني کي هڪ ارب 58 ڪروڙ 37 لک روپين جو نقصان پهتو آهي. ايف بي آر ۽ ڪوليڪٽوريٽ آف ڪسٽمز جي ڪاميٽي قيمت لڳائڻ کان لاچاري ظاهر ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.