اسلام آباد (م ڊ) توشاخانا ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي 14، 14 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. احتساب عدالت جي محمد بشير عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي توشا خانا ڪيس ۾ سزا ٻڌائي. ٻڌڻي دوران احتساب عداالت جي جج محمد بشير پي ٽي آءِ باني کان سوال ڪيو ته اوهان پنهنجو 342 وارو بيان جمع ڪرايو آهي؟ جنهن تي عمران خان چيو ته بيان تيار ڪري ورتو آهي، بشريٰ بي بي ۽ سندس وڪيل ايندا ته بيان جمع ڪرائيندو. پي ٽي آءِ باني جج سان ڳالهائيندي چيو ته اوهان کي تڪڙ ڇو آهي؟ مون سان دوکو ٿيو آهي، مون کي تي رڳو حاضري لاءِ سڏايو ويو، ان کانپوءِ عمران خان ڪاوڙ ۾ اچي عدالت جي ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو. پي ٽي آءِ باني چيو ته کيس ٿورو وقت ڏنو وڃي، سندس وڪيل اچي رهيا آهن پر جج محمد بشير کيس وقت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ جج جيل سپرنٽننڊنٽ ذريعي عمران خان ڏانهن پيغام اُماڻيو ته اوهان عدالت جي ڪمري ۾ اچو اسان کي پنهنجي ڪارروائي مڪمل ڪرڻي آهي، پر پي ٽي آءِ باني انڪار ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ احتساب عدالت جي جج محمد بشير توشا خانا ڪيس جو مختصر فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت پاران بار بار طلب ڪرڻ تي عمران خان عدالت جي ڪمري ۾ آيو ته جج محمد بشير توشا خانا ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي 14،14 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي. عدالت ٻنهي تي هڪ ارب 57 ڪروڙ 40 لک رُپيا ڏنڊ هنيو جڏهن ته پي ٽي آءِ باني کي ڏهن سالن لاءِ به نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.