ووٽ جي ذريعي بدلو وٺنداسين ڪارڪن مايوس نه ٿين: بئريسٽر گوهر

اسلام آباد ( م ڊ)  پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته تحريڪ انصاف جا ڪارڪن مايوس نه ٿين، پرامن رهن، عمران خان  ۽ ٻين خلاف ٻڌايل سزائون اعليٰ عدالتن ۾ برقرار نه رهي سگهنديون، هي فيصلو ناانصافي نه پر ظلم آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر علي خان رد عمل ڏيندي چيو ته اسان کي دفاع جو حق نه ڏنو ويو، وڪيل موجود هئڻ باوجود جرح جي اجازت نه ڏني وئي، 342 جو بيان ريڪارڊ ڪرائڻ نه ڏنو ويو. هن چيو ته بشريٰ بيبي جو توشه خانه ڪيس سان پري پري تائين ڪو تعلق نه آهي، پي ٽي آءِ باني عمران خان تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ بشريٰ بيبي کي به سزا ٻڌائي وئي. ٻئي پاسي  پي ٽي آءِ اڳواڻ علي ظفر چيو ته هي جلد بازي وارو ڪيس آهي، هي مس ٽرائل آهي، هي غير قانوني ڪيس آهي ۽ ان ۾ ڪا جان نه آهي، سزائن خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي پيروي پاڻ ڪندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.