مريم نواز بشريٰ بي بي کي مليل سزا تي ناخوش

نارووال (م ڊ) مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي گهرواري جي جيل وڃڻ تي مان خوش نه آهيان. نارووال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته اها ايترو وڏو جلسو آهي جو بال اسٽيڊيم جي ٻاهران نڪري ويو، جلسو ايترو وڏو آهي جو اسٽيڊيم جي ٻاهر به ماڻهو موجود آهن.  مريم نواز چيو ته جن نواز شريف خلاف سازشون ڪيون اهي پنهنجن گهرن ڏانهن هليا ويا، جن نواز شريف خلاف سازش پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهر واري جي جيل وڃڻ تي مان خوش نه آهيان. عمران خان تي تنقيد ڪندي مريم نواز چيو ته جڏهن چوري جو داغ هوندو آهي ته ٽنگ تي پلستر لڳائڻو پوندو آهي، هو برائي پکيڙڻ آيا هئا، الزام لڳائيندا رهيا. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ چيو ته مون کي منهنجي پيءُ نواز شريف جي سامهون گرفتار ڪيو ويو، نواز شريف جي ڪنهن به ساٿي پريس ڪانفرنس نه ڪئي، نواز شريف جا ساٿي ڏکئي وقت ۾ پٿر وانگر بيٺا  رهيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.