حيدرآباد واسي 8 فيبروري تي پ پ اميدوارن کي ڪامياب ڪن: آصفه

حيدرآباد(رپورٽر) شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي جي نامزد اميدوارن  جي چونڊ مهم لاءِ حيدرآباد پهتي, آصفه ڀٽو زرداري حيدرآباد واسي عوام کي اپيل ڪئي ته هو 8 فيبروري تي پ پ اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن ته جيئن ڄاڻايل اميدوار ڪاميابي بعد وفاق ۾ بلاول ڀٽو زرداري جا هٿ مضبوط ڪن. آصفه شورا هائوس کان ريلي ماروي ٽائون پهچي ته عورت ڪارڪنن جي وڏي انگ مٿس گل جي ورکا ڪئي, چانڊيا ڳوٺ ۾ به آجيان ڪئي. پي ايس 60 جي اميدوار ڄام خان شورو ۽ اين اي 218 جي اميدوار طارق شاهه ڄاموٽ سان گڏ قاسم آباد جي علمدار چوڪ، نسيم نگر، واڌو واهه روڊ کان بئراج ڪالوني، پي ايس 64 جي اميدوار عاجز ڌامراهه ۽ اين اي 220 جي اميدوار وسيم راجپوت پاران منعقد پٺاڻ ڪالوني واري ڪئمپ تي پهتي. هالاناڪي پي ايس 65 جي اميدوار فريد قريشي ۽ اين اي 220 جي اميدوار وسيم راجپوت پاران منعقد آجياڻي واري ڪئمپ تي به پهتي جتان پي ايس 62 جي اميدوار عبدالجبار خان ۽ اين اي 219 جي اميدوار علي محمد سهتو پاران آجياڻي لاءِ قائم فتح چوڪ واري ڪئمپ تي به پهچي ڪارڪنن خطاب ڪيو. آصفه ڀٽو ريلي جي صورت ۾ آٽو ڀان روڊ کان ٿي حسين آباد چوڪ تي پهتي جتي پي ايس 63 جي اميدوار صنم ٽالپر ۽ پي ايس 62 جي اميدوار عبدالجبار خان پاران قائم ڪئمپ تي به ڪارڪنن کي خطاب ڪيو. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ جو عوام بلاول ڀٽو زرداري جو ساٿ ڏي, پ پ وفاق ۾ حڪومت ٺاهي سندن ٻارن کي مفت معياري تعليم ۽ علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ کين 300 يونٽ بجلي مفت فراهم ڪندي. هن چيو ته پ پ جي منشور ۾ آهي ته ڪاميابي کانپوءِ هو نوجوانن کي روزگار مهيا ڪرڻ سان گڏ ملڪ جي غريب ۽ مسڪين هارين کي مزدور ڪارڊ به فراهم ڪندي, نوجوانن کي روزگار ڏنو ويندو, 30 لک گهر ٺهرائي ڪچين آبادين کي پڪو ڪري اتي رهندڙ ماڻهن کي مالڪاڻا حق پڻ ڏنا ويندا.  هن چيو ته اقتدار جي حاصلات لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪندڙ ماڻهو امير ماڻهن کي وڌيڪ امير ۽ غريب ماڻهن کي اڃا وڌيڪ غريب ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن, ڇاڪاڻ ته کين ان ڳالهه جي ڪا پرواهه ناهي ته اوهان جا ٻار بک تي سمهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.