مڇ ۾ وڌيڪ 12 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر

ڪوئيٽا(م ڊ)بلوچستان جي علائقي مڇ ۾ سڪيورٽي فورسز جو ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، جنهن ۾ اڄ وڌيڪ 12 دهشتگرد مارجي ويا، جنهن بعد مارجي ويل دهشتگردن جو انگ وڌي 21 ٿي ويو  آهي.ڊان نيوز موجب سڪيورٽي فورسز بروقت ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ دهشتگرد فرار ٿيڻ تي مجبور ٿي ويا.30 جنوري تي دهشتگردن خلاف آپريشن دوران 9 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته سڪيورٽي فورسز جي ڪليئرنس آپريشن دوران اڄ وڌيڪ 12 دهشتگرد مارجي ويا.پاڪ فوج طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته علائقي ۾ دهشتگردن خلاف ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ۽ آپريشن آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندو ۽ عوام جي سلامتي کي يقيني بڻايو ويندو.

  • ڪي پي جي ڪجهه علائقن ۾ دهشتگرد موجود آهن: وڏو وزير

پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه جو نگران وڏو وزير جسٽس رٽائرڊ سيد ارشد حسين شاهه چونڊن لاءِ تيار آهيون پر صوبي جي ڪجهه علائقن ۾ دهشتگرد موجود آهن، هن چيو ته صوبي ۾ دهشتگردي ۽ بدامني جي ڪجهه واقعن کي پوري اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو جواز پيش نٿو ڪري سگهجي.هن چيو ته باجوڙ ۾ فائرنگ جي واقعي جي جاچ جاري آهي، آءِ جي کي هدايت ڪئي ته ٽن ڏينهن اندر باجوڙ ۾ فائرنگ جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.