بلوچستان ۽ ڪي پي ۾چونڊ سرگرمين ۾ خوني تشدد- اليڪشن ڪميشن جو اجلاس طلب

ڪوئيٽا/پشاور(م ڊ) بلوچستان ۽ خيبرپختون خواهه جي ملڪ مختلف علائقن ۾ اليڪشن سرگرمين جي حوالي سان واقعا پيش آيا آهن، جنهن ۾ ٻه سياسي اڳواڻ مارجي ويا. چمن جي علائقي ميزئي اڏي ۾ عوامي  نيشنل پارٽي جي اليڪشن آفيس تي فائرنگ جي نتيجي ۾ اي اين پي اڳواڻ ظهور احمد مارجي ويو. پوليس موجب فائرنگ ۾ معين خان نالي هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو، فائرنگ بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، جڏهن ته پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. ٻئي پاسي باجوڙ جي علائقي صادق آباد ڦاٽڪ بازار ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ريحان زيب خان مارجي ويو. ايس ايڇ او راشد خان واقعي جي تصديق ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ اين اي 8 تان آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهي رهيو هو. صديق آباد ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، واقعي ۾ هڪ ڄڻو زخمي پڻ ٿيو. شروعاتي رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته ريحانزيب خان پي ٽي آءِ جو اميدوار هو، جڏهن ته پي ٽي آءِ طرفان جاري ڪيل لسٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ اين اي 8 باجوڙ ۾ گل داد خان جي حمايت ڪري رهي آهي. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن اين اي 8 باجوڙ ۾ چونڊ اميدوار جي قتل جو نوٽيس ورتو. اليڪشن ڪميشن آءِ جي خيبرپختونخواهه ۽ چيف سيڪريٽري کان فوري رپورٽ طلب ڪندي قتل ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. لوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ اڻڄاتل جوابدارن پ پ اميدوار جي گهر تي دستي بمن سان حملو ڪيو آهي. بليده جي علائقي ميناز ۾ اڻڄاتل ماڻهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار ظهور بليدي جي گهر تي ٻن دستي بمن سان حملو ڪيو. ڌماڪو گهر جي صحن ۾ ٿيو پر حملي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. اڃان تائين ڪنهن به هٿياربند تنظيم حملي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي. ڪوئيٽا جي سرياب روڊ تي پيپلز پارٽي جي اليڪشن آفيس تي دستي بم حملو ڪيو ويو، ڌماڪي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهتي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 8 باجوڙ ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي تڪ پي ڪي 22 ۽ پي ڪي 91 تي چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن. آزاد اميدوار ريحان زيب جي قتل کانپوءِ اين اي 8 ۽ پي ڪي 22 تي ننڍي چونڊ ملتوي ڪئي وئي آهي جڏهن ته آر او باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. پي ڪي 91 ڪوهاٽ 2 ۾ آزاد اميدوار جي فوت ٿيڻ سبب تڪ ۾ چونڊ ملتوي ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن موجب پي ڪي 91 ڪوهاٽ ۾ چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن، پي ڪي 91 کان اميدوار عصمت الله خٽڪ 30 جنوري تي فوت ٿي ويو. رٽرننگ آفيسر پي ڪي 91 عرفان الله پبلڪ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. بلوچستان جي علائقي حب ڄام ڪالوني ۾ مسلم ليگ ن جي آفيس تي دستي بم حملوڪيو ويو، حملي جي نتيجي  ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو. قلات جي علائقي منگچر ۾ پيپلز پارٽي جي آفيس تي ڌماڪو ٿيو. ليويز ذريعن موجب منگچر ۾ پيپلز پارٽي جي اليڪشن آفيس تي دستي بم سان حملو ڪيو ويو، واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. سبي ٽريفڪ پوليس پوسٽ تي اڻڄاتل هٿياربندن دستي بم حملو ڪيو. رپورٽن موجب سبي ۾ ٽريفڪ پوليس پوسٽ تي اڻڄاتل ماڻهن دستي بم سان حملو ڪيو. شروعاتي اطلاعن موجب ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهن.

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال کي ڏسندي سڀاڻي اهم  اجلاس طلب ڪري ورتو. اليڪشن ڪميشن ترجمان موجب اجلاس اڄ  منجهند 3 وڳي ٿيندو، جنهن ۾ نگران وفاقي گهرو وزير، گهرو سيڪريٽري، ٻنهي صوبن جا چيف سيڪريٽري شريڪ ٿيندا. ترجمان ٻڌايو ته ٻنهي صوبن جا آءِ جيز ۽ انٽيليجنس ايجنسين جا نمائندا به اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.