صحافي طبقو به مهانگائي جو گهڻو شڪار آهي:مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد (م ڊ) نگران سنڌ سماءُ واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ميڊيا ۾ جيڪڏهن گيٽ ڪيپر جو نظام ختم ٿي ويو  ته صحافت ختم ٿيندي، تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته هن مهانگائي جي دور ۾ مڃيل صحافين جا سوال رڳو اليڪشن بابت ناهن، پر انهن جو اهو به سوال آهي ته اڄ اسان جي گهر ۾ 3 ويلن جي ماني هوندي يا  2 ويلن جي؟ هن ٻڌايو ته صحافي اهو سوال به ڪري ٿو ته هو بجلي گئس جو بل به ڏئي سگهندا يا نه؟ گهر جو ڪرايو ڏئي سگهندا يا گهر مان بيدخل ڪيا ويندا؟ هي سنجيده سوال آهن، اسان جي معاشي مستقبل لاءِ، جهڙي طرح سان ٽيڪنالوجي وڌي رهي آهي ان ۾ ڪافي نوان رجحان سامهون اچي رهيا آهن، جنهن ۾ ڪجهه هاڪاري ۽ ڪيئي ناڪاري رجحان شامل آهن. مستقبل جي ميڊيا رڳو ڊجيٽل ميڊيا آهي.

  • اين اي 218 ۽ پي ايس 60 جي پ پ اميدوارن کي چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي نوٽيس

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اين اي 218 حيدرآباد ۽ پي ايس 60 جي پ پ اميدوارن کي چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. ضلعي مانيٽرنگ آفيسر اين اي 218 جي اميدوار جي پ پ اميدوار طارق شاهه ڄاموٽ ۽ پي ايس 60 جي اميدوار ڄام خان شورو کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي اميدوارن بنا ضلعي انتظاميا جي اجازت جي عوامي رستن کي بند ڪيو، اميدوار اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ وضاحت پيش ڪن ٻي صورت ۾ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي. ترجمان چيو ته سنڌ ۾ چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙين جي سخت مانيٽرنگ ٿي رهي آهي.  چنيسر ٽائون جي چيئرمين فرحان غني کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، خيرپور ۾ پ پ اميدوار نفيسه شاهه کي سونو تاج پارائيندڙ خوراڪ کاتي جي عملدار تي 50 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي واضع رهي ته پ پ اميدوار نسيم نگر چوڪ تي ميوزيڪل پروگرام ڪوٺائي عوامي رستن کي بند ڪيو هو.

  • پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر چونڊ وڙهڻ تان هٿ کڻي ويو

اسلام آباد (م ڊ) آزاد اميدوار حماد اظهر چونڊ وڙهڻ تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ حماد اظهر جي نامزدگي  ڪاغذن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران حماد اظهر سپريم ڪورٽ مان اپيل واپس وٺي ڇڏي. معاون وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته حماد اظهر اپيل جي پيروي ڪرڻ نٿو چاهي. جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا ته هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ 62 ون ايف جو حوالو ڇو ڏنو؟ فيصلي ۾ واضح آهي ته آرٽيڪل 62-1 ايف پاڻمرادو لاڳو نٿو ٿئي. وڪيل آفتاب ياسر چيو ته اشتهاري جي اهليت بابت توهان جو فيصلو به اچي ويو آهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته حماد اظهر کي اپيل واپس وٺڻ سان ڪو به فائدو نه ٿيندو، جسٽس جمال مندوخيل ان تي رمارڪس ڏيندي چيو ته لڳي ٿو ته حماد اظهر سرينڊر نٿو ڪرڻ چاهي. معاون وڪيل آفتاب عالم ياسر چيو ته هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۾ ڪو مسئلو ناهي. واضح رهي ته حماد اظهر اين اي 129 تان آزاد اميدوار هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.