سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت جي ڊي اي ۽ اتحادين جي ھوندي، ظالمن کان حساب وٺبو:قادر مگسي/ اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ ۽ پي ايس 60 قاسم آباد تڪ تي جي ڊي اي جي اميدوار اياز لطيف پليجو سان گڏ پي ايس 60 قاسم آباد جي مختلف علائقن ۾  اليڪشن ورڪ ڪيو ڳوٺاڻن پاران گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو، ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڊي اي اميدوار اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جا ماڻهو پيپلزپارٽي جي ڊرامي بازين کي سمجهي ويا آهن، 8 فيبروري تي سنڌ سان ڪيل ظلمن جو حساب ڪتاب سنڌ جو عوام پنهنجي ووٽ ذريعي پيپلزپارٽي ۽ ڪرپٽ زرداري مافيا وٺندو ۽ زرداري ليگ جي ڪرپٽ نمائندن کي ناڪام ڪري ڇڏيندو. سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت جي ڊي اي ۽ سندس اتحادين جي ھوندي، پيپلزپارٽي پندرهن سالن جي اقتدار دوران سنڌ جا سمورا ادارا تباھ برباد ڪري ڇڏيا، ڪوفي جي ماڻهن کي ڪون سڃاتو تاريخ ۾ غلطي ٿي وئي ڪوفي جي ماڻهن کي خبر ڪا نه هئي يزيد ڪھڙي پاسي آهي ۽ حسنيت ڪھڙي پاسي آهي، پر سنڌ ڪوفو ڪون بڻجندي سنڌ سمجهي ٿي پندرهن سالن کان يزيزدن اسان جو پاڻي روزگار، تعليم، صحت، شھر، زراعت، ميرٽ، معصوم ٻارڙن جو مستقبل، سنڌ جا سمورا وسيلا لٽي ڦري تباھ ڪيو آهي، ڊاڪٽر قادر مگسي خطاب ڪندي چيو ته اياز لطيف پليجو جي ڪاميابي سنڌ جي ڪاميابي آهي، اياز لطيف پليجو سدائين سنڌ جو ڪيس وڙھيو آھي گذريل پندرهن سالن کان وٺي  اقتدار تي ڪرپٽ، انسان دشمن ٽولي ۽ پيپلزپارٽي جو قبضو رهيو آهي، 8 فيبروري تي سنڌ جو غيرت مند عوام ووٽ ذريعي ان مافيا کي شڪست ڏيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.