ڪنهن کي به چونڊن جي جمهوري عمل کي ڇيهو رسائڻ نه ڏينداسين: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته ڪنهن کي به سياسي سرگرمي جي نالي تي تشدد جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ فوج آئيني مينڊيٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جي هدايتن موجب پنهنجا فرض سرانجام ڏيندي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ 262هين ڪور ڪمانڊرز  ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن جي مدد لاءِ فوج جي مقرري تي غور ڪيو ويو.فورم چيو ته ڪنهن کي به سياسي سرگرمي جي نالي تي تشدد جي استعمال جي اجازت نه ڏني ويندي، آزاد ۽ شفاف چونڊن جي جمهوري عمل کي ڇيهو پهچائڻ نه ڏنو ويندو، فوج آئيني مينڊيٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جي هدايتن موجب پنهنجا فرض سرانجام ڏيندي.  آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن کي ڀارتي رياستي اسپانسرڊ دهشتگردي ۽ پاڪستاني شهرين کي نشانو بڻائڻ جي ڀارتي مهم تي بريفنگ ڏني وئي،فورم ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڀارت عالمي قانونن جي واضح ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي ۽ ڀارت جو اصل چهرو دنيا آڏو بي نقاب ڪيو وڃي.آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت مقدس ۽ ناقابل تسخير آهي، ملڪي خودمختياري، قومي وقار ۽ عوام جي امنگن تي سمجهوتو نه ڪيو ويندو.ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن چيو ته عالمي برادري اڳ به ڀارت جي مجرماڻي رويي تي ڳڻتي جو اظهار ڪري چڪي آهي، عالمي برادري ڀارت پاران رياستي طاقت جي استعمال تي سڄي دنيا ۾ قتل عام تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.فورم فلسطيني عوام جي حمايت کي ورجايو ۽ غزا تڪرار جي ناڪاري اثرن ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ جي امڪان جو به جائزو ورتو.فورم اتفاق راءِ سان فلسطين ۾ فوري جنگبندي ۽ فلسطين تڪرار جي پرامن حل جي فوري ضرورت کي تسليم ڪيو، جڏهن ته ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن ڪشميرين جي حق خوداراديت جي حمايت جي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرين جي  حق خوداراديت جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو،آءِ ايس پي آر موجب فورم اسمگلنگ، ذخيره اندوزي، مني لانڊرنگ، بجلي چوري، غيرقانوني مهاجرن، غيرقانوني سرگرمين ۽ ڪرمنل مافيا جي خلاف کنيل قدمن کي ساراهيو جڏهن ته فورم معيشت ۽ عوامي ڀلائي تي مثبت اثرن کي بغير ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.آءِ ايس پي آر چيو ته ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.