عمران خان کي سزا پنهنجي ڪرتوتن جو نتيجو آهي:نثار کهڙو

لاڙڪاڻو (پ ر) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته پيپلز پارٽي انتقام واري سياست خلاف آهي پر عمران خان کي عدالت پاران  سزا سندس ڪرتوتن جو نتيجو آهي، نثار کهڙو پي ايس 15 ميروخان ۾ مختلف ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت ۾ اچي انتقام جي سياست واري روايت کي ختم ڪندي ۽ بلاول ڀٽو زرداريءَ جي نئين سوچ سان ملڪ ۾ جمهوري استحڪام، معاشي مضبوطي، عوامي خوشحالي ۽ ترقيءَ سميت آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستيءَ لاءِ سڀني سياسي جماعتن کي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڪاوشون وٺندي، پيپلز پارٽي صوبن جي خودمختياريءَ جو دائرو وڌائي صوبن کي معاشي طور وڌيڪ بااختيار بڻائيندي، هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداريءَ جي 10 نقاطي عوامي منشور تحت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو دائرو وڌايو ويندو ۽ ان ۾ لکين ٻهراڙي وارن مستحق عورتن کي پڻ شامل ڪيو ويندو جيڪي انڪم سپورٽ پروگرام کان محروم آهن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي وظيفي واري رقم کي پڻ ٻيڻو ڪيو ويندو ته جيئن مستحق عورتن جي وڌ کان وڌ مدد ٿي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.