اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ جنگ تازي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ هنگامي دور جي شروعات ھئي.ان تڪرار سان گڏ تازو لبنان ۾ اسرائيل ۽ حزب الله جي جھڙپن سان بھ خطو ڌڏي ويو آھي.يمن ۾ اولهھ جي فوج ۽ حوثي باغين جي وچ ۾ حملا، عراق، شام۽ پاڪستان ۾ حدفن کان ھٽي ڪري ايران جون ڪارروائيون ۽آمريڪا، اسرائيل ۽ اتحادين جي حدفن خلاف ٻي ايران نواز مليشيا جا حملا ڏسڻ ۾ آيا آھن.تشدد جا ذريعا وچ اوڀر ۾ ھڪ وڏي جنگ جي خوف کي ھوا ڏئي رھيا آھن ۽ روايتي علائقائي طاقت جي اتحاد تبديل ڪن ٿا. اسرائيل ۽ عرب دنيا جي دشمني ۽ ٻئي طرف شيعن جي نمائندگيءَ ڪندڙ ايران ۽ سني ڪميونٽي جي قيادت ڪندڙ سعودي عرب جي وچ ۾ مذهبي ورڇ،اھڙا مستقل سبب آھن جيڪي وچ اوڀر جي سياست کي چٽو ڪن ٿا.
ماهر متفق آهن ته خطي جي صورتحال عقيدي جي اختلافن جي سبب گھٽ ۽ عارضي سياسي ۽ فوجي اتحاد جي ڪري هن نقطي تي پھتي آھي.ايران، 15 ۽ 17 جنوري وچ ۾ شام، عراق ۽ پاڪستان ۾ حدفن کي نشانو بڻائي عالمي سطح تي خطري جو گھنڊ وڄائي ڇڏيو.اھي ڪارروايون مخصوص حدفن واريون ھيون، پر ماھرن جو خيال آھي تھ ايران بي صبري سان پنھنجي طاقت ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي. ايران مشڪل ۾ آھي ۽ ان اھو عزم بھ ورجايو تھ اھو ڪنھن وڏي تڪرار ۾ نٿو پوڻ چاھي، پر ان جي ابتڙ ھن جو ’محورِجو مزاحمت‘ ڪافي سرگرم رهيو.
لبنان ۾ حزب الله، عراق، افغانستان، پاڪستان ۾ واقع مليشيا،حماس ۽ ٻين اتحادي پسند گروپن ۽ يمن ۾ حوثي. بي بي سي فارسي سروس،ايران جي نظرين کي واضح طور تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي خلاف قرار ڏنو.ايران ۽ انھن گروپن ۾ اتحاد سن 1979 جي اسلامي ايراني انقلاب جي پيداوار آهي.ماهرن مطابق گروپ ھر ملڪ جي حالتن سبب جڙيا آھن.پر ايران پنهنجي اثر سان انھن مان فائدو چاھي ٿو.ماھرن جو خيال آھي تھ وچ اوڀر ۽ خطي جو تڪرار مذهب کان وڌيڪ طاقت سان سلھاڙيل آهي.
سعودي عرب دنيا ۾ پاڻ کي ليڊر طور مڃرائڻ لاءِ جاکوڙ ۾ آھي.ڪجهھ ڏھاڪا اڳ عرب جو مرڪز مصر ھو، ڪنھن وقت ۾ ھي ملڪ سڀ کان وڌيڪ آبادي، سياسي ۽ ثقافتي وزن جو حامل هو.پر طاقت ھاڻي نار ۽ ٻيٽن وارن عرب ملڪن طرف وڌي رهي آهي، جتي دولت آھي.انھن جو سياسي اثر وڌي پيو ۽ سياست کي اڳتي وڌي پئي.گڏيل عرب امارات يا قطر کانپوءِ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي اقتدار اعليٰ ۾ خاص طور تي سعودي عرب عالمي سطح تي وڏي پئماني تي تبديل ٿي ويو آھي.ماھرن موجب سعودي عرب 22 ملڪن تي ٻڌل عرب ليگ جو ليڊر ۽ ڊي فيڪٽو سربراهه آهن. 40 سال تائين، سعودي ۽ ايران ۾ دشمني رهي آھي.ماهر ان کي وچ اوڀر جي نئين سرد جنگ قرار ڏين ٿا. ڪيترن سالن کان خطي جي ٻين حصن ۾”پراڪسي جنگين“ جي سبب ان ۾ اضافو ٿيو آهي..يمن ۾ سعودي عرب 2015 کان حوثي باغين خلاف جنگ ۾ حڪومت جي مدد ڪري رهيو آهي.ايران تي حوثين جي حمايت جو الزام آهي، ايران گروپ کي ھٿيار ڏيڻ جي ترديد ڪئي آهي.
مارچ 2023ع ۾ چين جي ٽياڪڙي ۾ سعودي عرب ۽ ايران ۾ ڳالهين جو سلسلو شروع ٿيو، سلامتي، تجارتي، اقتصادي ۽ سرمائيڪاري معاهدن جي هڪ نئين دور جو آغاز ٿيو.معاملو ايترو سادو نھ آھي. ھن وقت بھ امير مسلمان ملڪ اولھھ سان ڪئين معاھدن ۽ لاڳاپن ۾ ڳنڊيل آھن، انڪري ھي خطو خاصو منجھيل پڻ آھي.اسرائيل جي ڇا پوزيشن آھي ؟اسرائيل اھڙو ملڪ آھي جيڪو خطي ۾ ڪنھن اتحاد جي ماتحت نھ آھي، انڪري ھو آزادي سان ڪم ڪري رھيو آھي.اسرائيل ايران ۽ ان جي حمايت ڪندڙ مليشيا جي خلاف هڪ ڊگهي ۽ غير اعلانيه جنگ کي برقرار رکيو آھي. جتي گهٽ درجي جي دشمني کي رڳو ورجايو ويندو آھي.ترڪي ۽ ايران کانسواءِ اسرائيل واحد خطي جو غيرعرب ملڪ آھي، جتي هن رياست طور گھٽ حد تائين تسليم ڪيو ويو آهي.
عرب ملڪن ۾ صرف مصر 1979 کان، اردن 1994 ۽ گڏيل عرب امارات، بحرين، مراڪش ۽ سوڊان 2020 کان اسرائيل رياست کي تسليم ڪيو.عرب ملڪ اسرائيل کي ھڪ جارح ملڪ طور سمجھن ٿا ۽ اھو تاثر ھاڻوڪي جنگ ۾ درست ثابت ٿيو آھي.ھن وقت تائين وچ اوڀر ۾ طاقت جي تڪرار ڪري جاري جنگ جي پڄاڻي جو اندازو ڪرڻ ڪافي ڏکيو ٿي رھيو آھي.