زلف پيرزادي جو وڇوڙو

اياز لطيف دايو

موت جَي روپ کي رات مون هو ڏٺو،
بي ترس بي رحم ڪات وانگر لڳو.

منهنجِي ڪا روح جي ڏارَ ڪٽجي وئي،
موت جَي باز توکي جلدي ڇو جهٽيو.

سرمئي ساٿ جو هر لمحو ڏس اچي،
مونکي سهڻا ڇڏي ڇو وڃين ٿو پيو.

ديپ وانگر ٻري روشني جنهن ڏني،
درد پنهنجا کڻي لحد ۾ ڪيئن لٿو.

منهنجِي دل ۾ پرين سوڳ اڻ کٽ ڇڏي،
چاهتون سڀ کڻي چنڊ ڏي آن ويو.

دوستيءَ جو ڀرم تون تہ ڏاڍو هئين،
مون تہ آهي چيو ڪنهن تہ ٻئي پڻ چيو.

ڪنهن ازل جي صدا وقت تي ٿي سڏي،
موت جي مام جو ڪنهن کي ناهي پتو.

ميڪدي کي تڏهن الوداع ٿو ڪري،
موت جو ذائقو جنهن بہ جاني چکيو.

تنهنجِي گيڙو جيان سوچ سهڻي هئي،
ڪو اکين جي اڃان اوٽ ۾ هو رُنو.

زلف منهنجا پرين ائين ڪبو آ ڪٿي،
ساهہ جَي ساز تي ڪيئن اياز آ لُڇيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.