جيڪڏهن سادي سودي سوچ رکجي ته اليڪشن ۾ عوام چاهي ته هر قسم جي تبديلي آڻڻ لاءِ اهل آھي ڇاڪاڻ ته ووٽ بيلٽ باڪس وجهڻ ۾ ايڏي ڏکائي نه آھي ۽ ڪنهن به مشڪل کان سواءِ دٻي ۾ ووٽ پئي سگهي ٿو ۔ پر جيڪڏهن وڏيرڪي پريشر جي ڳالھه ڪجي ۽ عوام جي اهليت ۽ قابليت لاءِ جي داخلي ۽ خارجي پاسن کي ڏٺو وڃي ته عوام خصوصن سنڌ ۾ اڄ تائين ان جي اهل نه ٿي ڏسڻ ۾ اچي ۔
اها ٻي ڳالهھ آھي ته انسان حالتن جو پيدا ٿيندڙ لقائن واقعن تي انحصار رکي ٿو ۽ سندس خواهشن جي ابتڙ حالتن جي وهڪري ۾ وهي هلندو آھي پر اهڙي حالت سنڌ جي وڏيرائي ۽ سرداري راڄ ۾ پيدا نه ٿي آھي جنهن سان اهڙو ڪو ٺوس اظھار ڪري سگهجي ته عوام هاڻ مڪمل پنهنجي ووٽ ڏيڻ ۾ آزاد آھي ۔
چاهي ماضي ۾ حالتون عوام جي ڪيترو به مخالف ۽ اذيت ناڪ ٿي گذريون هجن ۔ عوام ووٽ جي آزادي سان ڏئي ته ان کي عوامي جمهوريت چئبو آھي ۔ وڏيرڪي سياست جو مقابلو سنڌ جو عام ماڻھو خصوصن ٻھراڙي سان تعلق رکندڙ مان اڪثريت جي قابل ئي نه آھن ته ڀوتارڪي مڪر ۽ ڦرلٽ کي سمجهي سگهن ۽ ان جي ظلم اڳيان ڪو زبردست مزاحمت جو اظھار ڪري سگهن ۔
جيتوڻيڪ هن پ پ پ ۽ مسلم ليگ توڙي پي ٽي آءِ جي گذريل حڪومت جي ناقص ڪاردگي ۽ ڀوتارڪي ڦرلٽ ۽ ڪاموراشاهي جي ڪرپشن سڀني جي سامهون آھي۔ سنڌ ۾ ماڻھو پ پ پ جي اميدوارن کان سوال ڪن اهو تمام ٿوري تعداد ۾ ٿي رهيو آھي ۔ اهو به ان ڀوتار سان جو عوام سان لاڳاپي ۾ تمام گهٽ رهيو آھي ۔ پر ٻئي پاسي ساڳيان ڀوتار ساڳيان ماڻھون ۽ ساڳيون لنگيون پٽڪا نعرا جهمريون لڳن پيون ، جنهن مان يقينن اهو اندازو ٿي سگهي ٿو ته عام ماڻھو جي ذھنن تي اڃان به ڀوتار ۽ اهو اقتدار ڇانيل آھي جيڪو ماضي ۾ ھو ڏسندو آيو آھي ۔
ان جا سبب هي آھن جو عوام مسلسل اقتدار ۾ ڪجھه خاندانن کي ڏسندو آيو آھي ۽ اهي ان جي برتري جا قائل ٿي چڪا آھن ، سندن ذھنن ۾ وڏيرن ڀوتارن کانسواءِ باقي ماڻھو قبول ئي نٿا پون ۔ سندن نسل در نسل غلامي ڪندي ۽ تابع رهندي کين پنهنجي وجود جي اهميت ۽ سندس خانداني حيثيت تمام هيٺين سطح جي لڳي ٿي، اهي ان احساس مان اڄ تائين ٻاهر نه نڪري سگهيا آھن ۔ ان کان سواءِ مڊل ڪلاس عدم تحفظ جو شڪار آھي ۽ پنهنجي کليل اظھار کان بيزار آھي هو پنهنجي عزت ملڪيت خاطر ڀوتار سان دعا سلام چڱي ڪري پيو ، سندس شان ۾ پارٽيٽون لذيذ کاڌا کارائي رهيو آھي. پورهيت ۽ هاري يا ننڍو زميندار جنهن جو ٻھراڙي سان تعلق آھي اهو پنهنجو پاڻ کي ڀوتار جي آشرواد کان سواءِ غير محفوظ سمجهي ٿو ۔ ڇاڪاڻ ته اقتدار ماضي ۾ ڪهڙي به طرح انهن ساڳين ڀوتارن جي هٿ ۾ رهيو آھي جيڪي هن وقت اليڪشن ۾ بيٺل آھي ۽ سندن اقتدار جي دور ۾ هو عوامي هر اداري تي غالب رهيا آھن جنهن سان نوڪر شاهي سندن اشارن تي ئي هر ماڻھو سان اهو ورتاءُ ڪيو آھي جيئن ڀوتار چاهيندو هجي ۔
هتي بنيادي ڳالهھ سياسي تعليم جي کوٽ جي آھي جيڪا عوام تائين صحيح طريقي سان نه پهتي آھي جنهن سان عوام سندن اسيمبلي ۾ نمائدگي ڪندڙ نمائندن جي فرضن ۽ ذميوارين کان خبر پوي ته اصل ۾ اسيمبلي جي نمائندي جو ڪم ڪهڙو آھي ۔ جنهن سان ملڪ ۽ وطن کي خوشحال ڪري سگهجي ۔ مطلب ته عوامي ادارن کي ميرٽ جي بنياد تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ انصاف جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ عوام جا پئسا عوام جي ڌرتي ۽ انهن جي تعليم ۽ صحت تي خرچ ڪرڻ زراعت صنعت ۽ خارجي پاليسين ۽ کي بهتر ڪرڻ ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺائڻ وغيره انهن سڀني شين کان عام ماڻھو جو کوکلو بڻيل آھي ۔ تنهنڪري انهن سڀني ڳالهين کي نظر۾ رکي هن اليڪشن ۾ به چئي سگهجي ٿو عوام اڃان به ذھني طور ان سطح ۽ ڏاڪي تي نه پهتو آھي جيڪو ووٽن ذريعي ڪا مثبت تبديلي آڻي سگهي ۔