ڪراچي/ڏوڪري (رپورٽ:علي نقرچ+حفيظ ڦلپوٽو+مجاهد آفتاب قاضي)ترقي پسند صحافت جي هڪ باب جي پڄاڻي،سنڌي صحافت ۾ جدت آڻيندڙ،سموري ڄمار سچائي، ايمانداري ۽ ديانتداري سان صحافتي فرض نڀائيندڙ، سينئر صحافي۽ روزاني عوامي آواز جو ڊپٽي ايڊيٽر ڀائو زلف پيرزادو هميشه لاءِ وڇڙي ويو،موهن جو دڙو ڀرسان ٻلهڙيجي ۾ تدفين. تفصيل موجب سنڌ جو ناليوارو سينئر صحافي ۽ روزاني عوامي آواز جو ڊپٽي ايڊيٽر ڀائو زلف پيرزادو 63 سالن جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس تڏو ٻلهڙيجي ۾ وڇايو ويو آهي،سينئر صحافي زلف پيرزادو کي دل جي تڪليف سبب ڪراچي جي اسپتال آندو ويو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. هوڏانهن مرحوم جي مڙهه کي ايمبولنس ذريعي موهن جو دڙو ڀرسان اباڻي ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ سخي شاھ جمال جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ عوامي آواز پاران ريزيڊنٽ ايڊيٽر اقبال ملاح، اسسٽنٽ ايڊيٽر زرار پيرزادي،سنڌ هاري ڪميٽي جي اڳواڻ ثمر حيدر جتوئي، ڪامريڊ عرس سيلرو، فقير عاشق حسين، اي ڊي بلوچ، جنيد بکاڻي، مير مرتضيٰ ڪلهوڙو، جبار ڪابورو، قاضي آفتاب، اقرار پيرزادو، صدرالدين جوڻيجو، اسد ٻگهيو،سهيل پيرزادو، سليم پيرزادو، اعجاز پيرزادو، جميل پيرزادو،الطاف پيرزادو،محب پيرزادو سميت وڏي انگ ۾ سياسي سماجي صحافتي ڌرين جي ماڻهن شرڪت ڪئي. زلف پيرزادو 10 نومبر 1960 ۾ ٻلهڙيجي ۾ عبدالرحيم پيرزادو جي گهر ۾ جنم ورتو هن زندگي جا ڪيترائي لاھا چاڙھا ڏٺا ،چار ڏھاڪن کان وڌيڪ عرصو سنڌي صحافت کي ڏنو، شاگردي جي دور ۾ سرگرم سياسي ڪارڪن رھيو، هو شهيد نظير عباسي جو ويجهو ساٿي رهيو ڊي ايس ايف ۾ سرگرم ڪارڪن به رهيو آخر تائين کاٻي ڌر سان سلهاڙيل رهيو جڏهن ته عوامي حقن لاءِ جدوجھد جي ڏوھ ۾ هن 2 ڀيرا جيل جون سختيون به ڀوڳيون ،زلف پيرزادو عوامي آواز ،خبرون الک، تعمير سنڌ، پڪار سميت ڪيترين ئي سنڌي اخبارن ۾ ڪم ڪيو ، هو ڪراچي پريس ڪلب ،ڪراچي يونين آف جرنلسٽ ۽ پي ايف يو جي جو ميمبر ۽ عوامي آوازجو ڊپٽي ايڊيٽر پڻ ھو، زلف پيرزادو موسيقي ۽ شاھ لطيف جي بيتن جو ڄاڻو رهيو هو، وائيسس گروپ ۾ نامياري راڳي بيدل مسرور سان سر سنگيت ۾ شامل رهيو. زلف پيرزادو پونئيرن ۾ هڪ پٽ عبدالرحيم پيرزادو ۽ 4 ڌيئر هڪ بيواه سوڳوار ڇڏيا آهن. هوڏانهن زلف پيرزادو جي لاڏاڻي تي سندس پونئيرن سينئر صحافي سهيل پيرزادو، جميل پيرزادو، سليم پيرزادو ۽ ٻين سان تعزيت جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. وڏي انگ ۾ سياسي سماجي ۽ صحافتي ڌرين جي ماڻهن تڏي تي پهچي پونئيرن سان ڏک ونڊيو آهي، هوڏانهن عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ، ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر حميده گهانگهرو، ڊپٽي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر حسن ناصر خٽڪ، اسسٽنٽ ايڊيٽر زرار پيرزادي، نيوز ايڊيٽر مدثر نظر سنگراسي، ڊپٽي نيوز ايڊيٽر سارنگ زين چانڊيو،زوهيب مغل، عامر خٽڪ،حفيظ چنا، ولي ناريجو، ثناءُ الله هاشماڻي، ثاقب سنديلو، گلبهار گاڏهي، اقرار گاڏهي، علي نواز کوکر، علي گل سومرو، عديل ڀٽو، عدنان هاشمي، صمد سولنگي،نديم لوڌي،ذلفي چاچڙ، ماستر غلام عباس سوڍڙ،عابد قاضي، حزب الله شاهاڻي، فرقان، آصف لاشاري، وقاص سنديلو، راجا سنديلو، مجيب سنديلو، نسيم جوڻيجو، مختارڀٽو، شاهجهان ڏهراج، وحيد بلوچ، واحد بخش سيٺار، چاچا توفيق، وليد، ايوب ۽ ٻي سٿ ڀائو زلف پيرزادي جي پونيئرن سان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ دعا ڪئي آهي ته الله پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس عطا فرمائي،