ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر نامياري سينيئر صحافي ۽ عوامي آواز ميڊيا گروپ جي ڊپٽي ايڊيٽر زلف پيرزادو جي لاڏاڻي تي انتهائي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. نگران وڏي وزير چيو ته مرحوم زلف پيرزادو هڪ بهترين صحافي ۽ ترقي پسند شخصيت جو مالڪ هو. هن وڌيڪ چيو ته رب سائين مرحوم ذلف پيرزادو کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا ڪري ۽ گهر ڀاتين کي صبر عطا ڪري.