سنڌ ڌرتي جاکوڙي، ترقي پسند صحافي کان محروم ٿي وئي: سسئي پليجو

ٺٽو:  پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ  سسئي پليجو سنڌ جي سينيئر صحافي ۽ روزاني عوامي آواز جي ڊپٽي ايڊيٽر زلف پيرزادو جي اوچتي  وڇوڙي تي گھري ڏُک جو اظھار ڪندي چيو آھي ته سنڌ جي صحافين سنڌ جي حقن لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آھي،  ذلف پيرزادو به انھن صحافين مان ھو،  ذلف پيرزادو سنڌ جي صحافت ھڪ وڏو نالو ھو، جنھن ھميشا مظلومن جي آواز پنھنجي قلم ذريعي اجاگر ڪيو. سنڌ ڌرتي اڄ ھڪ جاکوڙي ترقي پسند صحافي کان محروم ٿي وئي آھي، سندس وارثن سان ۽ عوامي آواز جي سموري سٿ سان ھِن ڏک جي گھڙي ۾ برابر جا شريڪ آھيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.