زلف پيرزادو لطيف جي پيغام جو پرچارڪ، انسان دوستي ۽ روشن خيالي جي رنگ ۾ رڱيل هو: رزاق سروهي

حيدرآباد: ترقي پسند، روشن خيال ۽ سنڌ دوست صحافت کي هٿي ڏيندڙ لطيف جي پارکو عوامي آواز جي ڊپٽي ايڊيٽر نامياري صحافي زلف پيرزادو جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌندي ئي سڄي سنڌ جي سياسي،  سماجي، ادبي ۽ صحافتي حلقن ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي آهي، سياسي ڪارڪنن، سماج سڌارڪن، صحافين، وڪيلن ۽ مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن سوشل ميڊيا تي زلف پيرزادو جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪندي سندس وڇوڙي کي سنڌي صحافت ۽ سنڌ جو وڏو نقصان قرار ڏنو آهي. ان ڏس ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، عوامي آواز جي ڊپٽي ايڊيٽر، سينيئر صحافي زلف پيرزادو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، جسقم ترجمان ديدار شام لکيو ته صنعان خان قريشي ۽ جسقم قيادت زلف پيرزادو جي اوچتي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪري ٿي. سندس وڇوڙو سنڌي صحافت ۽ سنڌ جو وڏو نقصان آهي، زلف پيرزادو سدائين سنڌ جي پاسي بيٺو رهيو ۽ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جو آواز بڻجندو رهيو. حفيظ ڪنڀر پنهنجي فيسبڪ تي لکيو ته سنڌي صحافت جو يگانو ڪردار، سدا ٻهڪڻو، ٻهگڻو اسان جو دلبر دوست زلف پيرزادو موڪلائي ويو، هو اهڙو دامن صاف، ايماندار صحافي هو جنهن قلم جي آخري ساهه تائين لڄ رکي، پورهيت مزاحمت تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نثار لغاري لکيو ته عوامي آواز ۾ ڪيترائي سال ايڊيٽر طور رهندڙ مارڪسسٽ صحافي زلف پيرزادي جو لاڏاڻو سنڌ جي انقلابي صحافت جو هڪ باب بند ٿي ويو، کيس سرخ سلام قومپرست اڳواڻ عبدالفتاح چنا زلف پيرزادو سان پنهنجي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته صحافت کي سڄي زندگي ارپيندڙ موھن جي دڙي جي مٽي مان جنم وٺندڙ پيرزادن جو شھزادو، سنڌ، الک، خبرون ۽ عوامي آواز ۾ ذميواريون نڀائيندڙ سنڌ پرست، ترقي پسند صحافي ۽ اسان جو محسن ذلف پيرزادو به اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو، اسان سندس پوئينرن سان هن ڏک جي گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهيون. نامياري ليکڪ جامي چانڊيو لکيو ته بي حد ڏک ٿيو پياري ذلف جي وڇوڙي جو، ھڪ سچو، کَرو، نبار، محبتي ۽ دلبر دوست ۽ انسان، ھن ۾ ڪڏھن به منفيت، منافقت ۽ تنگ نظري نظر نه آئي، گھٽ ڳالھائيندڙ، گِھرو سوچيندڙ ۽ محبتون ونڊيدڙ آدرشي انسان جو وڇوڙو دل جھوريندڙ آھي! روشني پبليڪيشن پنهنجي پيج تي سينئر صحافي زلف پيرزادو کي سرخ سلام پيش ڪندي لکيو ته انقلابي سياست جو موتي داڻو ۽ نج پروفيشنل صحافي، ‎ڪامريڊ ذلف، سياست سان رومانس رکندڙ نسل جو لازوال انقلابي ڪردار ھو. اڄ هو اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. ذلف کي مسلسل جدوجھد جو نالو ڏئي سگھجي ٿو. ھن زندگي جا ڪيترائي لاھا چاڙھا ڏٺا. هن چئن ڏھاڪن کان وڌيڪ عرصو سنڌي صحافت کي ڏنو. شاگرديءَ جي دور ۾ سرگرم سياسي ڪارڪن رھيو. هن عوامي حقن لاءِ جدوجھد جي ڏوھ ۾ ٻه ڀيرا جيل جون سختيون پڻ ڀوڳيون. ايڊوڪيٽ اندرجيت لوهاڻي لکيو ته صحافت کي زندگي ارپيندڙ موھن جي دڙي جي مٽي مان جنم وٺندڙ سنڌ پرست ترقي پسند صحافي ۽ اسان جو محسن ذلف پيرزادو اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو، سنڌ افسوس ڪري ٿي. سينيئر صحافي لالارحمان سمون لکيو ته سئوٽ ذلف پيرزادو به وڇڙي ويو، پاڻ سميت سندس پوئينرن سان تعزيت، مالڪ  درجا بلند ڪري. پنهل سارئي لکيو ته پيارو دوست، دلبر انسان ڀلوڙ صحافي ڀائو ذلف پيرزادي جو وڇوڙو هڪ دردناڪ خبر، سندس خاندان ۽ دوستن سان تعزيت. بشير چانڊئي لکيو ته سنڌ سان اجري کير جيان پيار ڪندڙ ۽ عوامي آواز سان سلهاڙيل سينيئر صحافي دوست زلف پيرزادو هميشه لاءِ ڏور هليو ويو. سينيئر صحافي رزاق سروهي لکيو ته روئڻ سان جي رهن ها سپرين، نيڻين نير نه روڪيان ها،  صحافت جا اهي خوبصورت ڏهاڙا جن ۾ اسان هڪ نظرئي کي ذهن ۾ رکي فقير محمد لاشاري، سهيل سانگي ۽ انور پيرزادي جهڙن سنڌ دوست شخصيتن جي سرپرستي ۾ صحافت جي الف ب سکڻ شروع ڪئي هئي, ان سفر جي ابتدائي قافلي ۾ جيڪي مخلص، محبتي ۽ ايماندار انقلابي ماڻهو مليا انهن مان ڀائو زلف پيرزادو به هڪ هو. مهين جي دڙي جي مٽي جو ماڻهو، لطيف جي پيغام جو پرچارڪ، انسان دوستي ۽ روشن خيالي جي رنگ ۾ رڱيل زلف پيرزادو، سندس ڪٽنب، ڀائر سهيل، جميل، سليم، فهيم ۽ ٻيا منهنجي مائٽن جيان ويجها بڻجي ويا. اسان جي گهرن جون بيٺڪون گڏيل دلچسپي ترقي پسند سياست، صحافت ۽ موسيقي جهڙن موضوعن جو ٿاڪ بڻجي ويون. 80ع جي ڏهاڪي ۾ زلف پيرزادو انقلابي گيتن کي جديد انداز ۾ ڳائڻ واري وائيسز گروپ جو به حصو بڻيو، هو صاف سٿرو، ايماندار ۽ خوددار  صحافي هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.