ن ليگ، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جو دور واپس نه ايندو: سراج الحق

ڪراچي ( م ڊ) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته ن ليگ، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جو دور واپس نه ايندو. حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ  آهي ته ڪراچي اڳتي وڌندو ته سڄي سنڌ ۽ پاڪستان اڳتي وڌندو. ڪراچي ۾ باغ جناح ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته اڄ فيصلي جو ڏينهن آهي، ڪراچي جي عوام فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪراچي کان چترال تائين غربت رقص ڪري رهي آهي. غربت جي مهانگائي اقربا پروري جو ذميوار ڪير آهي؟  ملڪ جي خراب معاشي صورتحال تي ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته پاڪستان جو هر ٻار 3 لک رپين جو قرضي آهي. جلسي کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته ڪراچي ۾ رڍن جو راڄ آهي، تعليمي نظام تباهه ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪراچي اڳتي وڌندو ته سڄي سنڌ ۽ پاڪستان اڳتي وڌندو، سمورن مسئلن جي باوجود ڪراچي پاڪستان هلائي رهيو آهي.

 

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.