زلف پيرزادي ترقي پسند شاگرد سياست ۾ تعميري ڪردار ادا ڪيو:انجمن ترقي پسند مصنفين

ڪراچي(رپورٽر) زلف پيرزادي ترقي پسند شاگرد سياست ۾ تعميري ڪردار ادا ڪيو، هن 1980ع ڌاري جڏهن ڪراچي جون حالتون خراب هيون  اهڙي ماحول ۾ کاٻي ڌر جي سياست کي منظم ڪيو اهڙن خيالن جو اظهار انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي جوائنٽ سيڪريٽري سجاد ظهير، نالي واري دانشور ڊاڪٽر شير مهراڻي ۽ نامياري نقاد ضيا ابڙي سينئر صحافي ۽ کاٻي ڌر جي جاکوڙي ڪردار ذلف پيرزادي جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪندي ڪيو، هنن چيو ته ذلف پيرزادو سنڌي صحافت جو جاکوڙي ڪردار هو، هن ڏکئي وقت ۾ ترقي پسند صحافت جي سرواڻي ڪئي، هن جي وڇوڙي سان سنڌ جي تعميري صحافت هڪ جاکوڙي صحافي کان محروم ٿي وئي آهي. هنن چيو ته ذلف پيرزادي جي وڇوڙي کي اسان سنڌي صحافت جو نقصان سمجهون ٿا، هڪ وڏي عرصي تائين ان جو خال ڀرجڻ ممڪن ڪونهي. هنن چيو تہ ذلف پيرزادي جو خدمتون هميشہ ياد رکيون وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.