رتيديرو (ن ع آ) رتيديرو ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڳڙهي ياسين واسي پيءُ پٽ مارجي ويا، شڪارپور باءِ پاس وٽ رند برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان ذوالفقار رند ۽ سندس پٽ نثار کي فائرنگ جو نشانو بڻائي هٿياربند فرار ٿي ويا، فائرنگ ۾ پيءُ پٽ ٿڏي تي دم ڏئي ڇڏيو، گوليون لڳڻ سبب شهزاد رند سخت زخمي ٿي پيو، مقتولن جي وارثن موجب محمد دين ۽ ڇٽو رند وارن پئسن جي ڏيتي ليتي تان اسان جي ماڻهن کي قتل ڪيو آهي، ظلم ڪيو ويو آهي، انصاف ڪيو وڃي.