خيرپورناٿن شاهه لڳ چانڊيا ڌرين ۾ جهيڙو، نينگري ۽ نوجوان ناري قتل

ڪي اين شاهه (عوامي آواز نيوز) خيرپورناٿن شاهه ويجهو چانڊيا ڌرين ۾ جهيڙو، نينگري ۽ نوجوان ناري قتل ٿي ويون. خيرپورناٿن شاهه  ويجهو ڳوٺ ڪور حسين ۾ چانڊيا ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙي جي نتيجي ۾ نينگري ۽ نوجوان ناري قتل ٿي ويون. جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 10ورهين جي بيبي روشني ڌيءَ راجا ۽ 20 ورهين جي پوپران زال غلام مصطفيٰ قتل ٿي ويون. اطلاع تي پوليس واقعي واري پهچي لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، نينگري ۽ ناري جي قتل بعد سندن گهرن ۾ قهرام مچي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.