ملڪ ۾ اڃا به مڪمل جمهوريت ناهي، بلوچستان ۾ هٿيار کڻندڙن کي سمجهايو: آصف زرداري

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته ملڪ ۾ اڃا به پرفيڪٽ جمهوريت ناهي، پيپلز پارٽي حقيقي جمهوريت بحال ڪرڻ چاهي ٿيِ،اڳوڻي صدر آصف زرداري حب شهر ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلوچن کي سندن حق ڏيارڻ جو اعلان ڪيو،جلسي کي خطاب دوران  آصف زرداري وڌيڪ چيو ته اسلام آباد وارا پاڪستان جا مسئلا سمجهڻ لاءِ تيار ناهن، پاڪستان  جي مسئلن جو حل اصل جمهوري قوتن وٽ آهي،توهان جيڪي پارٽيون ٺاهيون ۽ جيڪي بڻائي رهيا آهيو اهي پاڪستان جا مسئلا نٿيون سمجهي سگهن، نه ته آزمائي ڏسي وٺو،حب شهر ڪراچي کان هڪ ڪلاڪ جي فاصلي تي آهي، هتي اسپتال هئڻ گهرجي، حب کي ڪراچي جهڙو هئڻ گهرجي،هتي به پاڻي جي سهولت، ڪاليج ۽ يونيورسٽي هئڻ گهرجي، بلوچستان جي بجيٽ چار ڀيرا وڌائي وئي پر اهو ڪم ڪٿي به نظر نه ٿو اچي،  اسان حب کي ترقي ڏيارڻ جي ذميواري کڻون ٿا،پاڪستان جا مسئلا رڳو سياسي قوتون ئي حل ڪري سگهن ٿيون، هن چيو ته ڀٽڪيل دوستن کي سمجهايو جيڪي هٿيار کڻن ٿا، بلوچستان جي بقا جمهوريت ۾ آهي، حب ۾ پاڻي جي سهولت ۽ يونيورسٽيون هئڻ گهرجن، امن امان بحال ڪندو ته ڪراچي جا سيڙپڪار هتي پاڻ ئي ايندا، پ پ سان ڪهڙي زيادتي نه ٿي پر اسان ڪڏهن هٿيار کڻڻ جي ڳالهه نه ڪئي، بلوچستان جو حق توهان کي ڏيارينداسين، بلوچن کي انهن جي ڌرتي جو حق ڏيارينداسين هن چيو ته توهان هٿيار ڇو ٿا کڻو،جمهوريت ڏانهن هلو، جمهوريت تي هلڻ سان مسئلا حل ٿيندا، آصف زرداري چيو ته حب ۾ امن امان بهتر ڪيو وڃي ته ڪراچي جا سيڙپڪار پاڻ هتي ايندا،  جلسي ۾ پ پ اڳواڻ علي حسن زهري آصف زرداري کي بلوچ رسمن تحت پٽڪو پارايو ،هن حب سميت بلوچستان جي عوام کي اپيل ڪئي ته اهي 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن م تير تي ٺپو هڻي پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڪامياب ڪن، جلسي ۾ جيئي ڀٽو، زنده هي بي بي ايڪ زرداري سب پي ڀاري ۽ وزيراعظم بلاول جا نعرا گونجندا رهيا، جلسي ۾ پ پ ضلعي حب جي صدر ۽ پي بي 21 حب جي اميدوار مير علي حسن زهري، بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو، عبدالقادر پٽيل، وڏيرو حسن ڄاموٽ، عبدالوهاب بزنجو، عبدالڪريم مري، سينيٽر صابر بلوچ، اقبال شاهه،مير علي نواز زهري، مير علي اڪبر زهري ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.