اسلام آباد(م ڊ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان تي زور ڏنو آهي ته هو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کان علاوه غريبن لاءِ سماجي پروگرام به هلائي.آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي ڪمزور طبقن جي لاءِ وڌيڪ سماجي تحفظ جا قدم کڻڻ گهرجن ۽ پاڪستان کي سماجي پروگرام هلائڻ لاءِ مسلسل ڪوششون ڪرڻ گهرجن، ڪمزور طبقن لاءِ محفوظ بجلي ۽ گيس ٽيرف سليب جاري رکڻ گهرجي.آءِ ايم ايف موجب صحت ۽ تعليم جي خرچن جو هدف هن مالي سال جي سيپٽمبر ۾ پورو ڪيو ويو هو پر نگران حڪومت محدود صلاحيت سبب ڊسمبر جو هدف پورو نه ڪري سگهي، چونڊيل حڪومت مالي سال جي پڄاڻي تائين سوشل سيڪيورٽي خرچ جاري رکي.انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ موجب بي آءِ ايس پي بهترين ميڪنزم سان گڏ هنگامي امداد وارو پروگرام آهي پر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي انتظامي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، پروگرام جي ورهاست واري ميڪنزم ۽ شفافيت کي بهتر بڻائڻ جي گنجائش موجود آهي.