ايران پاران سراوان شهر ۾ پاڪستانين جي قتل جي مذمت

تهران ( م ڊ) ايراني پرڏيهي وزارت ايران جي شهر سراوان ۾ پاڪستانين جي قتل جي مذمت ڪئي آهي. تهران مان جاري ڪيل بيان ۾  ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان ناصر ڪنعاني چيو آهي ته ايران سراوان واقعي جي سخت مذمت ڪري ٿو. ترجمان وڌيڪ چيو ته واقعي جي جاچ جاري آهي. اسان پاڪستان جي حڪومت ۽ متاثرن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. ايراني پرڏيهي وزارت موجب ايران پاڪستان جي دشمنن کي ڀائراڻن لاڳاپن کي خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.