ججن خلاف مهم کانپوءِ قانون موجب ڪارروائي ڪئي وئي: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد ( م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جو چوڻ آهي ته ججن خلاف مهم کانپوءِ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي aڪارروائي قانون موجب ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڪنهن کي به هراسان نه ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ عدليه مخالف مهم جي جاچ لاءِ جوڙيل جوائنٽ انويسٽيگيشن ڪميٽي (جي آءِ ٽي) جي ڪنوينر مرتضيٰ سولنگي ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي اسحاق جهانگير ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين کي هراسان ڪرڻ واري تاثر کي رد ڪندي چيو ته گهرو وزارت اعليٰ عدليه خلاف هلندڙ مهم جي جاچ لاءِ 16 فيبروري تي جي آءِ ٽي ٺاهي هئي، جنهن جو پهريون اجلاس 17 جنوري ۽ ٻيو 23 جنوري تي ٿيو ۽ اهو سلسلو جاري آهي. هن چيو ته هن وقت تائين 600 سوشل ميڊيا اڪائونٽس جي جاچ ڪئي وئي آهي، 100 انڪوائريون داخل ڪيون ويون آهن، 110 ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، جن ۾ 22 سياسي ڪارڪن يا سياستدان ۽ 32 صحافي شامل آهن. مرتضيٰ سولنگي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 19 تحت اظهار راءِ جي آزادي لامحدود ناهي، ان تي مناسب پابنديون آهن، آئين ۾ لکيل آهي ته آئين جي دائري کان ٻاهر فوج ۽ عدليه خلاف ڪا به مهم نٿي هلائي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.