ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر فيصلو ڪيو آهي ته سب رجسٽرار جي ڀرتين وارو عمل هاڻي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تحت ڪيو ويندو. نگران وڏي وزير چيو ته سب رجسٽرار واري اسامي گريڊ 15 جي آهي ۽ اها وڏي اهم ذميواري آهي. هن وڌيڪ چيو ته سب رجسٽرار کي ڪميشن جي ذريعي ڀرتي ڪرڻ سان اداري ۾ بهتري ٿيندي ڇاڪاڻ ته سب رجسٽرار ملڪيت جي رجسٽري ڪندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سب رجسٽرار آفيسن ۾ ڪرپشن جو خاتمو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن ڀرتيون ميرٽ جي بنياد تي ڪيون وينديون.