ڪراچي / حيدرآباد(پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته 25 سال مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ 50 سال حڪومت ڪئي آهي، پر سندن ڪارڪردگي ڦُرلُٽ، ڪشمير جي سوديبازي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي، پ پ ۽ مسلم ليگ کي جيڪڏهن ايندڙ سئو سالن تائين اقتدار ملي به وڃي تڏهن به هي پاڪستان کي ترقي بدران تباهي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏئي سگهندا. 08 فيبروري تي حڪومت اسان جوڙينداسين، زرداري ۽ نواز شريف جو دور گذري ويو، ايم ڪيو ايم به سڪرات ۾ مبتلا آهي. حيدرآباد جو تاريخي جلسو 08 فيبروري تي “ ساهمي” جي ڪاميابي جي شاهدي ڏئي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لطيف آباد ۾ رٿيل چونڊ جلسه عام کي خطاب ڪندي ڪيو. مرڪزي نائب امير ۽ قومي اسيمبلي جي تڪ 219 تي نامزد اُميدوار ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي، صوبائي امير محمد حسين محنتي، ضلعي امير عقيل احمد خان به خطاب جڏهن ته مرڪزي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو، سردار زبير سولنگي، مجاهد چنا سميت ٻيا نامزد اميدوار ۽ صوبائي توڙي مقامي اڳواڻ پڻ موجود هئا، هن وڌيڪ چيو ته اڳوڻن حڪمرانن ملڪي معيشت کي تباهه ۽ پنهنجي ملڪيتن ۾ اضافي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه ڪيو، اليڪشن ڪميشن جي ويب سائٽ وڃي انهن جي اربين کربين رپين جا اثاثه جات ڏسي سگهجن ٿا، ڪيڏو ظلم آهي جو عام ماڻهو ته ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان جڏهن ته اشرافيه ۽ حڪمران لڏي جا ڪتا ۽ ٻلا به کير پي رهيا آهن اسان اهڙي بدبودار نظام کان بغاوت ڪريون ٿا. سراج الحق جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جي ٻي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ چوڙي ۽ چمڙي سميت ٽيڪسٽائل جا وڏا ڪارخانا موجوده هئا هي هڪ خوبصورت علمي ۽ صنعتي شهر هو، پر نااهل قيادت جي ڪري اڄ ڪچري جو ڍير بڻيل آهي، هوڏانهن سراج الحق الرحيم مسجد نوري آباد ۾ جمعي جي خطبي ۾ چيو ته غلاماڻين پاليسين ۽ وياج واري نظام جي ڪري ملڪي معيشت تباه، مهانگائي ۽ بيروزگاري عام ماڻهو جو جيئڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پ پ سنڌ مٿان گذريل پنجاهه سالن ۾ بار بار حڪومت ڪرڻ باوجود ماڻهن کي ڪجهه به ناهي ڏنو، محمد حسين چيو ته پ پ ۽ نواز ليگ جي ڦُرلُٽ پاڪستان جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي.