ملتان (م ڊ) ملتان ۾ جاويد هاشمي جي رهائشگاهه تي ورڪرز ڪنوينشن ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ سينيئر سياستدان جي ٻن ناٺين سميت 36 ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي، ڪيس مخدوم رشيد ٿاڻي تي ايس ايڇ او انسپيڪٽر محمد امين جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو، پنجاب پوليس ٻڌايو ته ڪيس سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ پوليس اهلڪارن تي حملو ڪرڻ تي داخل ڪيو ويو آهي، پوليس جي طرفان بغير اجازت ورڪرز ڪنوينشن ڪرائڻ تي به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.