مون کي ايڊز جي مريضن ۾ وارڊ ۾ بند رکيو ويو: حليم عادل شيخ

 ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي گرفتار اڳواڻ حليم عادل شيخ پيشي جي موقعي تي چيو ته  مون کي ايڊز جي مريضن واري وارڊ ۾  بند ڪيو ويو هو.  جمعي تي عدالت ۾ 9 مئي واقعي  جي ٻڌڻي  ۾ حليم عادل شيخ پيش ٿيو، حليم عادل شيخ عدالت کي ٻڌايو ته قانون مطابق جيل ۾ جيڪا به سهولت فراهم ڪئي وڃي. اوها نٿي ڏني وڃي. منهنجي خلاف ڪيئي ڪيس داخل آهن. وڪيلن  سان  ملاقات جي اجازت ناهي، هن چيو ته ملڪ قانون، نظام ۽ ادارن سان گڏ  بيٺا آهيون. عدالت حليم عادل شيخ کي جيل ۾ ملڻ واري سهولتن جا تفيصل گهري ورتا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.