”بابا جو دوست اليڪشن ۾ حصو پيو وٺي“ راشد محمود پاران اياز لطيف جي حمايت جو اعلان

حيدرآباد (پ ر) جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو پي ايس 60 قاسم آباد تي اياز لطيف پليجو جي حمايت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته منهنجي شھيد بابا جو پيارو دوست  اياز لطيف پليجو اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن پي ايس 60 قاسم آباد جي غيور عوام ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي ڪارڪنن کي اپيل ڪيان ٿو ته اھي 8 فيبروري تي گھرن کان ٻاهر نڪرن ۽ اياز لطيف پليجو کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ انهن جي انتخابي نشان تاري تي ٺپو هڻي کيس ڪامياب ڪن، اياز لطيف پليجو جي ڪاميابي سنڌ جي ڪاميابي آهي، ھوڏانھن ٻئي پاسي اياز لطيف پليجو ھٽڙي شھر پھتو تہ علائقي واسين گلن جي ورکا ڪري سندس شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو، موٽر سائيڪل ۽ ڪارن جي ھڪ وڏي جلوس ۾ ڳوٺ ھٽڙي پھتو جتي اليڪشن آفيس جو افتتاح ڪيو ۽ جلسي کي خطاب ڪيو، اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو ته 8 فيبروري تي نئون سج اڀرندو جيڪو سنڌ لٽيندڙن ڪرپٽ زرداري ٽولي ۽ پيپلزپارٽي کي ختم ڪري ڇڏيندو. پيپلزپارٽي پنهنجي گذريل پندرهن سالن جي اقتدار دوران سنڌ سميت پي ايس 60 قاسم آباد جي ٻھراڙين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ ترقي ڏيڻ بدران منشيات، بدامني لاقانونيت جا تحفا ڏنا، زرخيز زمينون، گئس، پيٽرول، ڪوئلو، بندرگاھون، دنيا جي ھر شئي سنڌ وٽ آهي، ﷲ پاڪ سمورن نعمتن سان سنڌ کي نوازيو آهي پر سنڌ جي ماڻهن کي الاھي ڪھڙي سزا ڏني وئي آهي، يا پنھنجن ابن، ڏاڏن کان ڪو اھڙو پاپ ٿيو هو جو اسان جي مٿي ۾ آصف علي زرداري جھڙو غذاب لڳو آهي جنهن شاھوڪار سنڌ کي لٽي تباھ ڪري پينو فقير بڻائي ڇڏيو آهي، قدرت جون نعمتون گئس پئٽرول، ڪوئلو، سمنڊ، جبل سميت سموري معدنيات سامي جي ھڪ پڙ ۾ ٻئي پڙ ۾ آصف علي زرداري نعمتن وارو پاسو مٿي ۽ آصف زرداري وارو پاسو ھيٺ آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.