78 سيڪڙو پاڪستاني اميدوارن جو انتظار ڪندا رهيا، ڪو ووٽ گهرڻ نه آيو:سروي

ڪراچي (م ڊ) گيلپ پاڪستان جي سروي ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته 78 سيڪڙو پاڪستاني سياسي جماعتن جي اميدوارن جو انتظار ڪندا رهيا پر ڪو به ووٽ وٺڻ نه آيو، عوامي راءِ ڄاڻڻ جي لاءِ مشهور اداري گيلپ پاڪستان اليڪشن مهم جي حوالي سان نئين سروي جاري ڪئي آهي، سروي موجب 78 سيڪڙو پاڪستاني اميدوارن جو انتظار ڪندا رهيا، ڪو ووٽ گهرڻ نه آيو، سروي ۾ ٻڌايو ويو ته 18 سيڪڙو ماڻهن سان اميدوارن رابطو ڪيو ۽ پنهنجي جماعت لاءِ ووٽ گهريو، سروي ۾ 44 سيڪڙو عوام چونڊن کان اڳ سياسي سرگرميون نه هجڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ چيو ته پاڙن، گهٽين ۾ سياسي جماعتن جي طرفان ڪو به پوسٽ يا بينر ناهي لڳايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.