ڪوئيٽا (م ڊ) ڪوئيٽا ۾ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، ٻن هفتن جي لاءِ اجتماعن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ بلوچستان جي نگران وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، جلسن ۽ چونڊ ريلين لاءِ ڊي سي کان اين او سي لازمي وٺڻي پوندي، هن چيو ته بلوچستان ۾ امن امان جو قيام حڪومت جي اولين ترجيح آهي، صوبائي حڪومت طرفان قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو باقاعده نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو.