ماهه رنگ کي بلوچي پڳ: بلوچ قوم پرست پارٽيون ساک وڃائين پيون؟

ڪوئيٽا(م ڊ)اسلام آباد کان واپسي تي ڪوئيٽا ۾ ريليءَ دوران ڊاڪٽر ماهه بلوچ کي بلوچي پڳ (مقامي زبان ۾ پاگ سڏجي ٿي) پارائي وئي، بلوچ روايتن ۾ هن پڳ کي عزت ۽ احترام جي علامت سمجهيو ويندو آهي بلوچستان جي مقامي ميڊيا ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته بلوچستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن عورت جي مٿي تي پڳ رکي وئي آهي. بي بي سي ان دعويٰ جي تصديق نه ڪري سگهي.مقامي سياسي تجزئي نگارن موجب، گذريل ڪجهه عرصي ۾ بلوچستان مان اُڀرندڙ سماجي تحريڪن (جهڙوڪ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي) کي ڏسندي اهو تاثر پيدا ٿئي ٿو ته اهي قومپرست پارٽيون عوام ۾ آهستي آهستي پنهنجو ساک وڃائي رهيون آهن. تربت مان صحافي اسد بلوچ جو چوڻ آهي ته هتي جي ماڻهن ۾ اهو تاثر آهي ته ماهه رنگ جي تحريڪ اهو ڪم ڪيو آهي جيڪو مڪران ۽ بلوچستان ۾ ڪنهن به قومپرست پارٽي نه ڪيو آهي.تربت جي هڪ شاگرد وليد جو چوڻ هو ته هتي اصل مسئلو گمشدگين جو آهي، ان کان پوءِ تعليم ۽ پوءِ سرحدي ڪاروبار جي عارضي حيثيت. هتي بيروزگاري تمام گهڻي آهي ،آواران سان تعلق رکندڙ اياز احمد جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مان پنهنجي ڳالهه ڪريان ته هن ڀيري ڪنهن به سياسي پارٽي کي ووٽ نه ڏيندس. هڪ ٻئي شهري دعويٰ ڪئي ته سڀ کان وڏو مسئلو مسخ ٿيل لاش ملڻ جو آهي،روز ماڻهو کنڀجن ٿا، بيروزگاري آهي،نيشنل پارٽي سان تعلق رکندڙ شڪيل بلوچ جو چوڻ آهي ته ڏسو، اها ڳالهه ضرور آهي ته ماڻهو خاموش نه ويهندا“. وڌيڪ ماڻهن کي جيترو دٻائيندا  اهي وڌيڪ مزاحمت ڪندا۽ ائين ڪرڻ لاءِ کين هاڻي قومپرست پارٽين جي ضرورت نه رهي.ڪيچ ضلعي جي ابوبڪر مري چيو ته ”دهشتگردي ختم ڪريو. خوف اڄ اسان جي دلين ۾ ناهي. بلوچستان ۾ ايترا لاش ڏنا ويا آهن جو هاڻي اسان صاف زبان ۾ ڳالهائي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.