ڀارت سازش پيو ڪري ته وڃي ان سان وڙهو، هٿين خالي بلوچن کي ڇو ٿا ماريو؟ :اختر مينگل

مستونگ(رپورٽ:يار محمد بروهي) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل مستونگ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته مستونگ محبت، امن ۽ سياست جو ڳڙهه هو، اڄ مستونگ مان شهيدن جي رت جي خوشبو اچي رهي آهي. هن چيو ته  بلوچستان ۾ قوم پرست سياست کي ڏوهه سمجهيو وڃي ٿو. حقن، عزت ۽ وقار لاءِ وڙهڻ وقت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. قوم پرستي جي سياست خلاف خوف جو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي،هن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام جي ترقي نه ڪري سگهي، اهي سنڌ ۾ ڀٽو کي زندهه نه ڪري سگهيا پر هاڻي بلوچستان ۾ ان کي زندهه ڪري رهيا آهن، ڀٽو دور ۾ بلوچستان ۾ هزارين ماڻهن کي قتل ۽ گم ڪيو ويو، بلوچستان ۾ چاليهه چور سرگرم ٿي چڪا آهن.هن چيو ته بلوچستان جي عوام جو ضمير 5 هزار رپين ۾ خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اسلام آباد ۾ عورتن ظلم خلاف احتجاج ڪيو، بلوچ عورتن جي سرن تي رحم جا هٿ رکڻ بدران وڌيڪ ظلم ڪيو ويو. سخت سردي ۾ عورتن ۽ ٻارن تي برف جو پاڻي اڇلائي کين سخت هراسان ڪيو ويو،هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت پاڪستان خلاف ڪم ڪري رهيو آهي ته ڀارت سان وڙهو، بيگناهه بلوچن تي ٿيندڙ ظلم بند ڪيا وڃن ۽ سندن حق  تسليم ڪيا وڃن. ايران ۽ پاڪستان آمريڪا ۽ سعودي عرب کي خوش ڪرڻ لاءِ بلوچن تي حملا ڪري رهيا آهن. بلوچستان جي مسئلي جو واحد حل حقن کي تسليم ڪرڻ آهي. اسان جي گم ٿيل پيارن جي بازيابي کي ممڪن بڻايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.