ڪي ايس پي پاليسي خلاف احتجاج ڪندڙن تي پوليس تشدد،8 شاگرد گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي يونيورسٽي جي احتجاج ڪندڙ شاگردن تي پوليس ڪڙڪي پئي،گرفتاريون.ڪراچي يونيورسٽي جي ڪي  ايس پي پاليسي ۽ فيس ۾ واڌ خلاف احتجاج ڪندڙ شاگردن تي پوليس ڪڙڪي پئي، 8 شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو. حراست ۾ ورتل شاگردن ۾ شاهد شر، مبشر جاگيراڻي، معراج، معشوق ۽ ٻيا شامل آهن، انتظاميا احتجاجي ڪيمپ به پٽرائي ڇڏي. ان سلسلي ۾  شاگردن جو چوڻ آهي ته يونيورسٽي انتظاميا ڳالهيون ڪرڻ بدران پوليس گهرائي اسان جي ڪيمپ پٽرائي ڇڏي آهي. سنڌي شاگرد سٿ جو چوڻ آهي ته ناانصافي ڪئي وئي آهي، ڪي ايس پي پاليسي کي نٿا مڃون، گرفتار ڪيل شاگردن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.