ڪراچي ۾ عورتن اميدوارن کي ٽڪيٽ نه ڏيڻ ۾ مذهبي سياسي جماعتون ناڪام

 ڪراچي(م ڊ)عا م چونڊن ۾ جنرل سيٽن تي 5 فيصد ٽيڪٽس عورتن اميدوارن کي ڏيڻ جي شرط سياسي جماعتن کي مونجهاري  ۾ وجهي ڇڏيو. سياسي جماعتون عورتن جي  حقن جي دعويدار ته آهن پر 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن لاءِ ڪراچي ۾ عورتن جي نمائندگي جي حوالي سان ڪو به  ڪم نظر نه اچي رهيو آهي، جماعت اسلامي ۽ تحريڪ لبيڪ ڪنهن به  عورت کي ٽڪيٽ جاري ناهي ڪئي، جي يو آءِ هڪ عورت اميدوار کي ٽڪيٽ جاري ڪيو آهي پر هو چونڊ مهم به شروع نه ڪري سگهيا، ٻئي طرف پيپلزپارٽي ن ليگ ۽  جي  يو آءِ طرفان اهڙا قسم جا اميدوار بڻايا ويا آهن، جتي انهن جي کٽڻ جو امڪان گهٽ آهي.  ايم ڪيو ايم جي طرفان 3 عورتن کي ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون

اسٽيل ٽائون جي جاچ آفيسر جي رشوت وٺڻ جي وڊيو وائرل،جاچ شروع

ڪراچي ( رپورٽر ) اسٽيل ٽائون ضلعي ملير جي جاچ آفيسر سب انسپيڪٽر خليل احمد جي سوشل ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا تي  رشوت وٺڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي. ترجمان موجب ايس ايس پي انويسٽيگيشن ضلعي ملير پاڻ وائرل ٿيل وڊيو جي جاچ ڪري رهيو آهي.ان سلسلي ۾ ڪيس جي فريادي سان به رابطو ڪيو ويو ملاقات به طئه ڪئي وئي آهي اسٽيل ٽائون جي ايس آءِ او ۽ سب انسپيڪٽر خليل احمد کي به آفيس طلب ڪيو ويو آهي. عاملي جي شفاف جاچ ڪئي پئي ويندي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.