ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ تيز رفتار گاڏي جو موٽرسائيڪل سوار کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. پوليس ڪار ۾ سوار جوابدار کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، پوليس موجب حادثي جو شڪار ٿيل ڪار سيڪيورٽي ايجنسي جي سينيئر آفيسر جي هئي، جنهن ۾ سرڪاري ملازم جو پٽ ۽ سندس ٻه ساٿي سوار هئا. پوليس سرڪاري ملازم جي پٽ عبدالرحمان ۽ سندس دوست حذيفه کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، ڪار کي عبدالرحمان جو دوست قاسم هلائي رهيو هو جيڪو فرار ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ حماد ۽ زخمي جي سڃاڻپ ارشد طور ٿي آهي. واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو ويندو.