قتل جي سزا خلاف اپيل تي چئن سالن بعد فيصلو، عمرقيد جي سزا ڪالعدم قرار

ڪراچي  (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورث قتل جي سزا خلاف اپيل تي چئن سالن بعد فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت عمر قيد جي سزا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي جوابدار خلاف لڳايل الزام ثابت نه ٿيا، ٽرائل ڪورٽ ڪيترن ئي مرحلن ۾ جوابدار کي صفاٸی جو  موقعو نه ڏنو، محمد حفيظ کي ٽرائل ڪورٽ 2019ع ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي، جوابدار تي سندس زال فائق فاطمه کي باهه ڏئي قتل ڪرڻ جو الزام هو، جوابدار خلاف سندس سس ناظره خاتون جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

صدر پاران اَپاسٽِل آرڊيننس 2024ع جاري

اسلام آباد(م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اَپاسٽِل آرڊيننس 2024ع جاري ڪري ڇڏيو، آرڊيننس جو مقصد غيرملڪي عوامي دستاويزن جي لاءِ قانوني تصديق جي پابندي ختم ڪرڻ آهي.  اهو آرڊيننس پاڪستان ۾ شهرين، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ماڻهن جي سهولت لاءِ جاري ڪيو ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اَپاسٽِل آرڊيننس نگران وزيراعظم جي ايڊوائيس تي آئين جي آرٽيڪل 89 (1) تحت جاري ڪيو آهي. ان جو مقصد غيرملڪي عوامي دستاويزن بابت 1961ع جي هيگ ڪنوينشن تحت پاڪستان جون ذميواريون پوريون ڪرڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.