اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي صوبن کي احتساب لاءِ 18هين ترميم ۾ وڌيڪ ترميم جي تجويز ڏني. ڊان نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مرزا محمد آفريدي چيو ته 18هين ترميم جون گهرجون پوريون ٿي چڪيون آهن، ان ڪري هاڻي ترميم ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته وقت سان گڏ نيون گهرجون پوريون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته گذريل سال اسان اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي 4100 ارب رپيا ڏيڻ جي تجويز ڏني هئي ۽ جيڪڏهن ايتري رقم صوبن وٽ وڃي ٿي ته اها لڳل نظر به اچي. هن چيو ته اهڙي قانون سازي ڪئي وڃي ته صوبا پئسي جي استعمال جي حوالي سان وفاق کي رپورٽ ڏين ۽ وفاق کي ٻڌايو وڃي ته اها رقم ڪيئن ۽ ڪٿي خرچ ٿي رهي آهي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته صوبن کي ڏنل رقم جو احتساب ٿيڻ گهرجي ۽ رقم جي استعمال بابت صوبن کان رپورٽ ورتي وڃي.