پاڪستان ۾2 ڪروڙ 40 لک ماڻهو نفسياتي مسئلن جو شڪار آهن: ڊاڪٽر سعد خالد نياز

ڪراچي(رپورٽر)  صحت، سماجي ڀلائي، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ رورل ڊولپمينٽ سنڌ جي نگران وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز چيو آهي ته نفسيات جي ماهرن موجب پاڪستان ۾ 24 ملين ماڻهو نفسياتي مسئلن جو شڪار آهن. ان جي حل لاءِ حڪومتي سطح تي قدم کڻڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊائو يونيورسٽي جي معين آڊيٽوريم ۾ سنڌ جي صحت کاتي ۽ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليونگ اينڊ لرننگ (PILL) جي سهڪار سان منعقد سنڌ مينٽل هيلٿ پاليسي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير رعنا حسين خاص شرڪت ڪئي، جڏهن ته ٻين مهمانن ۾ ڊائو يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر سعيد قريشي، پل جي سربراھ پروفيسر نسيم چوڌري، پروفيسر عمران بشير چوڌري، پروفيسر غلام رسول، پروفيسر مودات حسين رانا ، پروفيسر نصرت حسين ۽ نفسيات جي ماهرن، ڊاڪٽر، استادن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر سعد خالد نياز چيو ته شروعاتي طور اسان صوبائي سطح تي خودڪشي جي وڌندڙ واقعن بابت رجسٽري تي ڪم ڪيو. ان کان پوءِ اسان منشيات جي حوالي سان هڪ پاليسي ٺاهي ۽ انهن ٻنهي ۾ جيڪو بنيادي مسئلو سامهون آيو، اهو هو نفسيات جو، ان ڪري اڄ الحمدالله سنڌ مينٽل هيلٿ جي پاليسي جو باضابطا آغاز ڪيو ويو آهي،سنڌ جي نگران تعليم واري وزير رعنا حسين چيو ته هاڻ بورڊ جي نتيجن ۾ معيار برقرار رکڻ مشڪل ٿي ويو آهي. فرسٽ ايئر جا 67 سيڪڙو ٻار نتيجن ۾ ناڪام ٿيا آهن، يقيناً ان ۾ انساني غلطي آهي. هن چيو ته اڄڪلهه ماڻهو ٽيڪنالاجي ۽ جدت کان ڊڄن ٿا. هر ٻار ڊاڪٽر يا انجنيئر نه ٿو بڻجي سگهي، ان ڪري اهڙن واقعن سان ٻارن ۽ والدين جي ذهني صحت به متاثر ٿيندي آهي. ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي وائيس چانسلر پروفيسر سعيد قريشي چيو ته سنڌ ۾ آبادي جي ذهني صحت ۽ نفسيات جي شعبي کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن تقريب کي ماهرين نفسيات پروفيسر غلام رسول، پروفيسر عمران بشير چوڌري، پروفيسر موعدات ۽ مانچسٽر مان پروفيسر نصرت حسين آن لائين خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.