سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ملهائڻ ڏوهه: 45 ڄڻن مٿان ڪيس داخل

سن (رپورٽ: ساگر سولنگي) سائين جي ايم سيد جي سالگرھ ملهائڻ جي ڏوهه ۾ 9عورتن سميت 45 ڄڻن مٿان ڪيس داخل، جديد  قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي 120 هين سالگرهه جي سلسلي ۾ سيد سان محبت جو اظهار ڪرڻ ۽ سنڌ لاءِ ڪيل جدوجهد تي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سن پهتل قومي ڪارڪنن توڙي عورتن مٿان ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي تي انتشار پکيڙڻ، ماڻهن کي ورغلائڻ ۽ ملڪ خلاف ڳالهائڻ سميت ملڪ خلاف بغاوت ڪرڻ جي الزامن هيٺ  28 مردن ۽ 9 عورتن ۽ 8 اڻڄاتل ماڻهن مٿان مختلف قلم هيٺ سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس جي فريادي  ايس ايڇ او ڇڇر پير ممتاز احمد داخل ڪيل ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته اسان  ڊيوٽي دوران گشت ڪندا درگاھ حيدر پير سالگرھ گرائونڊ تي پهتاسين ۽ ڏٺوسين ته جسمم ۽ جسقم جي ماڻهن جو وڏو انگ هر هڪ نالي درياھ خان برهماڻي، صدام کوسو، عبدالرحمان کوسو، عمران چانڊيو، روحل لغاري، حامد ڀٽو، فياض گاڏهي، جادو عرف جاويد ابڙو، آصف جروار، اسد ولد غلام رسول،  مير حسين محفوظ اسماعيل،  مهراڻ ، سارنگ عرف سهيل ميراڻي، ساجن وقار اعظم ميمڻ، مرتضيٰ فواد حسين، سرويچ جروار، سجاد علي، عادل احمد، فرمان علي، شعبان علي، جميل احمد، سارنگ جويو، سانوڻ زهراڻي، عرفان پٺاڻ انعام الله عباسي ۽ 9 عورتون جن ۾ عائشا سرگاڻي سندس ڀيڻ سنڌ ھوالماس سرگاڻي ٻئي ڌيئرون ديدار، رخسانا هاليپوٽو، ڪرن نظاماڻي، آزادي اسماعيل سندس ڀيڻ ماروي اسماعيل، سورٺ فرمان، بشيران زهراڻي، سهڻي زال سارنگ جويو  ۽ 8 نامعلوم  جن کي ڏسي سڃاڻيداسون وڏي جلوس جي صورت ۾ نه کپي نه کپي پاڪستان نه کپي جا نعرا هڻندا جلسي گاھ  پهتا جتي  ملڪ جي ادارن خلاف گهٽ وڌ ڳالهائي انتشار پکيڙي رهيا  هئا اسان اهڙي تفصيلي رپورٽ اعليٰ آفيسرن کي ڏني جن جي حڪم تحت ڪيس داخل ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.