ارڙهين ترميم ملڪ کي بحران ۾ وجهي ڇڏيو آهي: خالد مقبول

ڪراچي(م ڊ) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي دعويٰ ڪئي آهي ته ايم ڪيو ايم جي ووٽن کانسواءِ ايندڙ  وزيراعظم بڻجڻ مشڪل هوندو ۽ جيڪڏهن مسلم ليگ ن واضح اڪثريت حاصل ڪري ٿي ته به ايم ڪيو ايم جي ضرورت پوندي.ڊان نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته ارڙهين ترميم ملڪ کي بحران ۾ وجهي ڇڏيو آهي، وفاق وٽ ڪجهه به ناهي بچيو، نيشنل فنانس ڪميشن ۽ صوبائي فنانس ڪميشن هڪ ٻئي سان مشروط هئڻ گهرجي، فنڊ ضلعي ڪائونسلز، ڳوٺن ۽ شهرن ڏانهن به وڃڻ گهرجن،هن چيو ته لنڊن جي بائيڪاٽ جو چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان تي ڪو به اثر نه پوندو، لنڊن ڪراچي واري جلسي جو بائيڪاٽ ڪيو پر ريلي جو نتيجو سڀني جي سامهون آهي.هن چيو ته تحريڪ انصاف اسان جو مينڊيٽ نه کسيو هو اها ته بينيفشري هئي، هاڻي ڪو به 2 ارب يا 5 ارب ۾ پتنگ به وڪڻي نه سگهندو.هن چيو ته مون پي ڊي ايم کي صلاح ڏني هئي ته تحريڪ انصاف کي حڪومت مڪمل ڪرڻ ڏني وڃي ۽ پوءِ تجويز ڏني هئي ته بي اعتمادي واري رٿ کانپوءِ فوري چونڊون ڪرايون وڃن،هن وڌيڪ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سنڌ جي قيادت سان گڏجي هلون پر پيپلز پارٽي صوبي کي رياست بڻائي ڇڏيو آهي، بلاول ڀٽو مان اميدون رکي سگهجن ٿيون پر مٿس ڀروسو ناهي.هن چيو ته پ پ  سڀ کان پهرين لساني بنياد تي ڪوٽا مقرر ڪئي، پ پ  ڪراچي مان 22 هزار ارب رپيا ٽيڪس وصول ڪري ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.