سائفر لهرائڻ تي واشنگٽن کي سٺو پيغام نه ويو:اڳوڻو ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري

اسلام آباد ( م ڊ ) اڳوڻي ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري فيصل نياز ترمذي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني پاران سائفر لهرائڻ جيِ ٻئي ڏينهن آمريڪا رابطو ڪيو، واشنگٽن کي سٺو پيغام نه ويو.  آمريڪي سفير اينجلا ايگلر واٽس ايپ تي پيغام موڪليو ته کيس اهو دستاويز گهربل آهي جيڪو پي ٽي آءِ جي باني ريلي ۾ هٿ ڪئي ۽ آمريڪا تي پاڪستان جي معاملن ۾ مداخلت جو الزام هنيو. رپورٽ موجب، ٽن ڏينهن بعد، ڪابينا جو اجلاس سڏايو ويو ۽ رياست جي قائم مقام سيڪريٽري رچرڊ شيلر کي ڊيمارچ ڏيڻ لاءِ چيو ويو . اڳوڻي ايڊيشنل سيڪريٽري چيو ته ان کانپوءِ هن آمريڪي سفارتڪار جو پيغام ان وقت جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي موڪليو، جنهن کانپوءِ پرڏيهي وزير کيس فوري طور فون ڪري چيو ته آمريڪي سفارتڪار جو پيغام آمريڪي ڪوآرڊينيٽر سان شيئر نه ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.