نه گئس نه بجلي، تبديلي پاڪستان جو برو حال ڪري ڇڏيو آهي: نواز شريف

لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته تبديلي پاڪستان جو برو حال ڪري ڇڏيو.پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سربراهه  ميان نواز شريف چيو آهي ته تبديلي پاڪستان جي حالت خراب ڪري ڇڏي آهي، نه بجلي آهي نه گئس، هر شيءِ مهانگي آهي. مسلم ليگ (ن) پاران اڄ بوريوالا ۾ سياسي پاور شو ڪيو ويو، جنهن ۾ نواز شريف پڻ خطاب ڪيو. نواز شريف چيو ته گهڻيون شيون تبديل ٿي چڪيون آهن، منهنجي پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي منهنجي حڪومت ختم ڪئي وئي، پاڪستان ۾ بيروزگاري ختم ٿيڻ گهرجي ها، قوم کي اهو وقت ياد آهي جڏهن ماني 4 رپيا هئي، اڄ ماني 25 رپيا آهي، اها تبديلي آهي، اسان لوڊشيڊنگ ختم ڪئي، بجلي سستي ڪئي پر ملڪ کي ڇا ٿيو آهي؟ گيس، بجلي، ماني، گيهه، دال سڀ مهانگيون آهن. هن چيو ته جيڪڏهن اسان جي حڪومت آئي ته مهانگائي جو خاتمو آڻينداسين، ماني سستي ٿيندي، هر گهر ۾ بجلي ۽ گئس هوندي، اها تبديلي آهي ته ايتري بيروزگاري آهي، اها پاڪستان جي پيرن تي ڪهاڙي هنئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.