عجيب ڳالهه آهي هڪ ئي سياسي پارٽي خلاف سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ ) سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ پرويز الاهي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پرويز الاهي جي وڪيل احسان کوکر دليل ڏيندي چيو ته هو اليڪشن ۾ دير نٿا چاهن، سندس اصيل کي پي پي 32 گجرات جي تڪ تان اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏني وڃي.عدالت سوال ڪيو ته پلاٽ جي ڪاغذن تائين اوهان کي ڪيئن پهچ ملي جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته پلاٽ جا دستاويز تپيدار کان مليا آهن.جسٽس اطهر چيو ته ڇا اوهان جو اهو چوڻ چاهيو ٿا ته نگران حڪومت ان ۾ ملوث آهي؟. ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته ووٽرز کي سندن ووٽ جي حق کان محروم نه رکڻ گهرجي، رٽرننگ آفيسر جو ڪم سهولت پيدا ڪرڻ آهي چونڊن ۾ رڪاوٽ وجهڻ ناهي، عجيب ڳالهه آهي هڪ ئي سياسي پارٽي سان اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، اليڪشن جو مطلب ماڻهن جي شموليت آهي کين ٻاهر ڪرڻ ناهي،جسٽس منصور علي شاهه چيو ته آرٽيڪل 17 چئي ٿو ته اثرائتن سببن کانسواءِ اليڪشن کان روڪي نٿو سگهجي، آئين چونڊن لاءِ ڊي فرنچائر ناهي انفرنچرائز ڪرڻ جي سهولت ڏئي ٿو.عدالت پرويز الاهي جي اپيل منظور ڪندي نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو ۽ پرويز الاهي جو نالو بيلٽ پيپر ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت به ڪئي، هوڏانهن سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ صنم جاويد،طاهر صادق ۽ شوڪت بسرا کي به اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏيندي سندن نالا بيلٽ پيپر ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،

 اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اميدوار جا ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس  ڏيندي چيو ته چونڊن ۾ حصو وٺڻ بنيادي حق آهي، ووٽ جي بنيادي حق کان محروم ڪري سزا ڏني پئي وڃي. سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس اطهر من الله تي ٻڌل 3 رڪني بينچ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر اسلم جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.جسٽس منصور رمارڪس ڏنا ته چونڊن ۾ حصو وٺڻ بنيادي حق آهي، چونڊن جي بنيادي حق کان محروم ڪري هڪ شخص کي سزا ڏني پئي وڃي، چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان ڪيئن روڪي سگهجي ٿو؟ پاڪستان جي عوام کي چونڊيل نمائندن جو فيصلو ڪرڻ ڏيو ته آرٽيڪل 17، 62 ۽ 63 جي ڪهڙي شق ڀوڳيندڙ کي ووٽ جي بنيادي حق کان محروم رکي ٿي؟جسٽس اطهر من الله چيو ته اليڪشن ڪميشن پاڪستان جي عوام کي جوابده آهي يا اميدوارن کي؟ اليڪشن ڪميشن کي پاڪستان جي عوام کي جواب ڏيڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.