بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جو اڄ جلسو،قافلن جي آمد

ڪوئيٽا (م ڊ)بلوچ يڪجهتي ڪميٽي پاران اڄ ڪوئيٽا ۾ وڏو جلسو منعقد ڪيو ويندو، جلسي ۾ شرڪت لاءِ سموري بلوچستان مان قافلن  جي آمد جو سلسلو جاري آهي،هوڏانهن وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز جي اڳواڻ سمي دين بلوچ هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته بدقسمتي سان اسلام آباد بلوچ جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. ان ڪري هاڻي بلوچ قوم کي متحد ٿي اسلام آباد کي واضح پيغام ڏيڻ گهرجي ته بلوچ راڄ ڪنهن به صورت ۾ ان جي نسل ڪشي جي اجازت نه ڏيندو.ان سلسلي ۾ اڄ شال ۾ هڪ ريلي منعقد ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ سڄي بلوچستان مان ماڻهو شرڪت ڪندا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.