آءِ ايم ايف جا نوان شرط، سنڌ،ڪي پي ۽ بلوچستان جي مخالفت

اسلام آباد(م ڊ)سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان  آءِ ايم ايف جي شرطن جي مخالفت ڪري ڇڏي، آءِ ايم ايف نان اسٽارٽر صوبائي منصوبن کي وفاق سان فنڊن تي  ابندي جي شرط لڳائي آهي، نجي ٽي وي مطابق ملڪ جا 3 صوبا آءِ ايم ايف جي سامهون مضبوط ٿي بيهي رهيا آهن. پنجاب کانسواءِ تمام صوبن صوبائي منصوبا بند ڪرائڻ جي مخالفت ڪئي، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان منصوبا پنهنجي ذمي وٺڻ کان انڪاري ڪري ڇڏيو،ٽئي صوبا صوبائي منصوبا بند ڪرڻ جي حق ۾ ناهن، وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس 29جنوري تي ٿيندو. جنهن ۾ ڪيترن ئي صوبائي منصوبن تي پابندي لڳائڻ جي تجويز تي غور ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.