ملڪ ۾ اليڪشن جو ڪو به ماحول نظر نه پيو اچي:شاهد خاقان

اسلام آباد (م ڊ)  اڳوڻي  اڳوڻي  وزيراعظم  شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته سياست هاڻي ڪنهن  نئين پليٽ فارم تي هوندي، جماعت جي ضرورت آهي. اليڪشن کان پوءِ ڪو به فيصلو ڪنداسين، ڪو به وزيراعظم چوي ته مون کي نه هلڻ ڏنو ويو، امڪان آهي ته پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ گڏ ويٺيون هجن. 2 هفتن ۾ گهٽ ڏينهن آهن. ڪو ئي اليڪشن جو ماحول نه آهي. هڪ انٽرويو ۾هن چيو ته آزاد ماڻهن  جي وڏي تعداد هئي، جيڪا حڪومت ۾ شامل ٿيندي، 2-3 جماعتن جو اتحاد هوندو، ان کان پوءِ حڪومت ٺهندي، هن چيو ته جيئن مهم هلي رهي  آهي ته ڪا خبر ناهي اڳتي ڇا ٿيندو. بدقسمتي آهي ته اڄ ن ليگ جي سياست سان اتفاق نٿو ڪريان، اسان جي ملڪ جو نظام مڪمل طور تي آئين جي مطابق نٿو هلي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.