عوامي تحريڪ جي مٺي ۾ ريلي: ڪارونجهر جي ڪٽائي سنڌ جي ثقافت تي وار قرار

مٺي (رپورٽ:غازي بجير) ڪارونجهر جي ڪٽائي  سنڌ جي ثقافت تي قھري وار قرار،قبضاگير ڀڄايو،عوامي تحريڪ کي کٽرايو، مٺي جي پي ايس 55 تڪ ۾ عوامي تحريڪ جي اليڪشن ريلي، ڌرڻو، ريلي موکار کان ڪڍي وئي ريلي ڳوٺ پوسرڪو،ڳوٺ گرڙاٻھ،ڳوٺ کوروڙو ۽ ڏيپلو کان ٿيندي مٺي شهر جي ڪشمير چوڪ تي پهتي،ريلي ۾  سوين ماڻهو شريڪ ٿيا،سنڌ بچائينداسين، عوامي تحريڪ کي کٽرائينداسين جي نعرن سان مٺي گونجي اٿيو، عوامي تحريڪ مرڪزي صدر لال جروار چيو ته آخري فتح عوام جي ٿيڻي آهي، غليل تي ٺپو هڻو،غليل سنڌ جي فتح جو نشان آهي،مٺي واسيو سجاڳ ٿيو،حڪمرانن اقتدار خاطر ڪارونجهر جو سودو ڪيو آهي، ٿر مان اربين روپين جو ڪوئلو نڪري ٿو پر ٿر واسي بي روزگار آهن،جي ڊي اي ۽ پيپلز پارٽي هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن، نگران توڙي چونڊيل حڪمرانن کي ثقافتي ماڳ نيلام ڪرڻ جو ڪو به اختيار ناهي، زرعي انقلاب ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ملڪ جي سالميت خلاف سازش آهي، زرعي انقلاب جي نالي ۾ ٿر جي ڏھ هزار ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو پيو وڃي، اقتدار لاءِ ڪارونجهر جو سودو ڪندڙ سنڌ جا سڄڻ ناهن، عوامي تحريڪ جا ڪارڪن هر حال ۾ ثقافتي ماڳن سميت سنڌ جي سمورن وسيلن جو تحفظ ڪندا رهندا، هن چيو ته نگران سرڪار ڪارونجهر جي ڪٽائي جا سانباها ڪري سنڌ کي فطري سونهن کان محروم ڪري رهي آهي. معدنيات جي نگران صوبائي وزير خدابخش مري طرفان ڪارونجهر جي ڪٽائي جو اعلان مذمت جوڳو آهي، پنهنجي وطن جي حفاظت ڪندڙ بهادر عوام کي 1857ع ۾ انگريز سرڪار فسادي قرار ڏنو ۽ موجوده نگران سرڪار وطن لاءِ جدوجهد ڪندڙ عوام کي بيوقوق چئي انگريز سامراج جي نقش قدم تي هلي رهي آهي، اوڀائي جوڻيجي خطاب ڪندي چيو ته سيٽ ملي يا نه پر ساه جي آخري گهڙين تائين عوام لاءِ جدوجهد ڪندا رهنداسين. اقتدار لاءِ ڪارونجهر جو سودو ڪندڙ سنڌ جا سڄڻ ناهن. عوامي تحريڪ ضلعي ٿرپارڪ جي صدر ايڊووڪيٽ ديوت راءِ، ديال صحرائي، اي بي چارو چيو ته عوامي تحريڪ جا ڪارڪن هر حال ۾ ثقافتي ماڳن جو تحفظ ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.